اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، آمريڪا طرفان بليسٽڪ ميزائل پروگرام ۾ مبينا سهڪار تي نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ( اين ڊي سي ) سميت چئن ادارن تي پابندي واري فيصلي کي بدقسمتي ۽ تعصب تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جي تياري ۽ تباهي پکيڙڻ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي ايگزيڪٽيو آرڊر تحت چئن پاڪستاني ادارن اين ڊي سي، اختر اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽڊ، فيليئٽس انٽرنيشل ۽ راڪ سائيڊ تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ترجمان موجب، پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ صلاحيتن جو مقصد ملڪ جي خودمختياري جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم رکڻ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازين آمريڪي پابندين جو مقصد خطي ۾ فوجي عدم سهڪار کي ڊيگهه ڏيڻ آهي جنهن سان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن کي نقصان پهچندو.
ترجمان جو چوڻ هو ته نجي ڪاروباري ادارن تي اهڙي قسم جو پابنديون مايوس ڪندڙ آهن، ماضيءَ ۾ به رڳو شڪ جي بنياد تي بنا ڪنهن ثبوت جي نجي ڪاروباري ادارن تي پابنديون مڙهيون ويون.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ هٿيارن جي ڦهلاءُ جي روڪٿام وارين دعوائن باوجود ٻين ملڪن لاءِ جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي حاصلات لاءِ گهربل لائسنس جو شرط ختم ڪيو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙي ٻٽي معيار ۽ امتيازي سلو سبب نه رڳو هٿيارن جي ڦهلاءُ جي ڪنٽرول واري مقصد کي نقصان پهچندو پر خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي به نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
You might also like