پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت عوام ۽ صوبي جي مسئلن جي حل تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا حڪومت بي گهر ماڻهن لاءِ قدم کڻي، پارا چنار جي صورتحال تي ڪي پي حڪومت ناڪام ۽ بي وس نظر اچي رهي آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي حڪومت صوبي ۾ امن قائم ناهي ڪري سگهي، بدامني تي صوبائي حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، سڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس وڏي وزير تي داخل ڪيو وڃي، علي امين گنڊا پور وفاق تي هٿياربند ٿي حملو ڇو ڪيو؟.
هن چيو ته ڪرم ضلعي جي صورتحال تي صوبائي حڪومت جو ڪو به ڌيان ناهي، خيبرپختونخوا ۾ امن امان لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون وڃن.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور هٿيار کڻي اسلام آباد ڇو ويو؟، پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پوليس ۽ رينجرز تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ شيل اڇلايا ويا، ڪي پي ۾ امن جي صورتحال کي هر صورت ۾ ڪنٽرول ڪرڻو پوندو………..
You might also like