قاهرا ۾ وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

قاهرا (ويب ڊيسڪ ) مصر جي راڄڌاني قاهرا ۾ وزيراعظم شهباز شريف، انڊونيشيا جي صدر ابوو سوبيانتو سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي روز ڀريندي ٻه طرفي لاڳاپن کي برقرار رکڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
قاهره ۾ ڊي ايٽ سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پرابوو سوبيانتو کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي روز ڀريندي ٻه طرفي لاڳاپن کي برقرار رکڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي وارو واپاري ڀائيوار آهي.
وزيراعظم خاص طور پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ طور انڊونيشيا جي ڪردار جي ساراهه ڪئي، ڇوته پاڪستان کاڄرو تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ حصو انڊونيشيا کان خريد ڪندو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف، صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪئي.
ٻنهي ملڪن طرفان فلسطين جي حمايت جاري رکڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪندي غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو………

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.