ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل، ڀارت پاڪستان ڏانهن مدد لاءِ واجهائڻ لڳو

چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪندڙ ڀارتي بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي ٽيم کي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل کيڏڻ لاءِ گرين شرٽس ڏانهن مدد لاءِ واجهائڻ لڳو.
آسٽريليا خلاف برسبين ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ بعد ڀارت لاءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ جا آثار گهٽجڻ لڳا آهن ۽ هاڻي ان کي پاڪستان جو سهارو گهربل آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ لاءِ آسٽريليا، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ان پوزيشن تي موجود آهي جيڪي ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهن ٿيون.
ڀارتي ٽيم کي جيڪڏهن فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي ته ڀارتي مداحن، بورڊ ۽ ٽيم کي پاڪستان لاءِ دعا ڪرڻي پوندي ته گرين شرٽس ڏکڻ آفريڪا کي شيڊيول ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري، ان صورت ۾ ڀارت کي فائنل کيڏڻ لاءِ آسٽريلوي ٽيم خلاف رڳو هڪ ميچ کٽڻي پوندي.
ڀارتي ٽيم لاءِ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏڻ جو هڪ ٻيو رستو ٿورو ڏکيو پر سڌو آهي، اُهو ايئن ته ڀارت پنهنجو باقي ٻئي ميچون يعني ميلبورن ۽ سڊني ٽيسٽ ۾ آسٽريليا خلاف ڪاميابي ماڻي ته هو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو، پر ڪينگروز کي سندن سرزمين تي هارائڻ ڀارت لاءِ مشڪل ترين ٽاسڪ آهي.
جيڪڏهن ڀارت، آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز 1-3 تان کٽي ته هو فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.