ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ ۾ هڙتال،مظاهرا،خبر موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف مختلف شهرن جيان حيدرآباد ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته پوليس حيدرآباد مان 8 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ٽي پي جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن مان 19 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. قاسم آباد جا سمورا علائقا بند رهيا شهري علائقن ۾ گاڏي کاتي، گول بلڊنگ، رسالا روڊ، گل سينٽر، کاهي روڊ، ٽيون نمبر تلاءُ، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو آغا، ڪڇي پاڙو، ٽنڊو طيب، ميمڻ اسپتال روڊ، هيرآباد، فتح چوڪ، لطيف آباد نمبر 2، آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد نمبر 3، حسين آباد ۽ لطيف آباد نمبر 8 سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو. ٻئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شٽربند هڙتال واري سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو. هن چيو ته پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ڪامياب هڙتال حڪمران کي نياپو ڏنو آهي ته فوري طور سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي جنهن تي ڪئنال اڏي سنڌ کي موت جي وادي ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ڪامياب هڙتال ڪئنالن خلاف عوامي ريفرينڊم آهي. سنڌ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي. سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال ٿي ۽ عوام رضاڪارانه طور سڏ جي موٽ ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايس ٽي پي جي پرامن هڙتال کي موٽ ڏسي انتظاميا ڪيترن ئي شهرن ۾ زبردستي دڪان کولائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي. هن ايس ٽي پي جي حيدرآباد مان عرفان بروھي سميت 8 ڪارڪن، دادو مان جبران پنھور ۽ خادم ٻٻر سميت 5 ڪارڪن ۽ هالا مان فرحت ڳاهوٽي ۽ شاهد لغاري سميت 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ واري عمل جي پرزور مذمت ڪندي کين فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،دڙي ۾ فاروق مگسي، زوهيب مگسي ۽ مرتضي مگسي جي اڳواڻي ۾ سجاول ۾ جمن سنڌي، ممتاز لغاري، ريحان بوبڪ، سھيل ابڙو ۽ فاروق شيدي،نصيرآباد ۾ منصور سومرو، اظھار واھوچو، اشتياق ابڙو، غلام شبير جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٻئي پاسي نواب شاھ شھر مڪمل طور بند رھيو،ايس ٽي پي اڳواڻن نثار ڪيريو،رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو ۽ ٻين چيو ته اسان سنڌو درياء تي ڪنهن ب صورت ۾ ڪينال ٺاھڻ نه ڏينداسين ٺل ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي،جڏهن ته ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ سرواڻ لاشاري،جاويد ساغر بروهي،عبدالغفور ٻرڙو،ڪامريڊ محمد بخش بروهي،ڪامريڊ ظفر سنڌي،عبدالوهاب بنگلاڻي،ماما امير بخش سومرو،عبدالرحمان کوسو،فيض سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ،مظاهري ۾ ايس ٽي پي،ايس يو پي،جسقم،جي يو آئي جي اڳواڻن سميت شھرين ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي،ان موقعي تي سرواڻ لاشاري،جاويد ساغر بروهي،جمال جوش ٻرڙو،عبدالغفور ٻرڙو، ڪامريڊ محمد بخش بروهي،وسيم قريشي،سالار ميرحسن ٻرڙو، عبدالوحيد بروهي،ماما امير بخش سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو،مٽياري،ھالا،عيدآباد،ڀٽ شاھ،کنڊو،کيبر،اڏيرو لال سميت ننڍن وڏن شھرن جا اھم ڪاوباري مرڪز بند رھيا ان دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رھيون ھالا پوليس احتجاج ڪندڙ ايس ٽي پي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ايس ٽي پي ضلعي مٽياري جي ٻن اڳواڻن فرحت ڳاھوٽي ۽ شاھد لغاري کي گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو جيڪب آباد ۾ ڪاروبار بند رهيو، ڪارڪنن عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالغفور ٿھيم، عبدالمجيد سرڪي، غلام سرور مستوئي، بابو عطار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،نوشھرو فيروز ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي ،ڪارڪنن اسد چانڊيو، اقبال راڄپر، يونس چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو،هوڏانهن شھدادڪوٽ ۽ قبوسعيدخان ۾ ننڍا وڏا ڪاروبار مڪمل طور بند رهيا،ڪامريڊ حيات تونيو، امداد سومرو، شبير مگسي، زاهد مگسي ۽ ٻين چيو ته جيستائين سسي ۾ ساھ آهي سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين، ميرپورخاص شھر ۾ جزوي جڏهن ته ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھڙتال ڪئي وئي ،ڪنڌڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ سبزوئي، اويس کوسو، قمرالدين سھرياڻي، اي ڪي اوڳاھي ،ڪوٽڙي ۾ يونس اوٺو ۽ امجد مستوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مٺي ۾ ڪامريڊ گهنشام مالهي،شنڪرباغي،ڏيوجي ڀيل،شريف بجير ۽ ٻين واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪري مڪمل شٽربند هڙتال ڪرائي،ٽنڊو محمد خان ۾ ڪاروبار بند ڪري ڊاڪٽر احمد نوناري،اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو هوڏانهن ٺٽي، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، غلام الله، ميرپور ساڪرو سميت سڄي ضلعي ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال رھي ناٿو خان بروھي، راجو قريشي، جميل سمون، جمال تارو، عثمان ھنڱورو ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران روڊن تي گشت ڪري ھڙتال کي ڪامياب بنائي ھڪ ريلي پڻ ڪڍي ،سڪرنڊ شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رهيا، گل انقلابي، سليم مگسي راشد ملاح گلزار انڙ اڪبر ملاح حاڪم انڙ مشتاق ماڄوٺو ۽ خطاب ڪيو، ميرپوربٺورو ۾ هڙتال رهي،عبدالغني ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ماتلي ۾ اسلم مهندو ، گل محمد شاه ، مقصود شاھ جي اڳواڻي ۾ چيلهار ۾ مشتاق قاسماڻي،مجاهد محمد خان سميجو،ڪمليش مالهي،چندرباغي، مجاهد پرديپ شرما ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپور ساڪرو ۾ علي محمد مالھيو،عظيم ڪلمتي،رسول بخش عمراڻي،شڪيل ڪلمتي ،بلڙي شاه ڪريم ۾ به شٽر ڊائون هڙتال، محمد سليم ميمڻ،علي نواز سمون،محمد زمان سٺيو محمد عظيم سٺيو جي اڳواڻي ۾مورو نيو جتوئي ۾ عباس کوکر،ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور،ڊاڪٽر محمد دائود عمراڻي،اصغر بليدي،اعجاز علي پٺاڻ،نجب الدين کوسو،احمد علي گبول،حاجن ڪورائي،معشوق علي کوسو،ساجن کوسو،شهمير علي خاصخيلي،گلشير لاشاري،علي نواز ميمڻ،اعجاز پنهور،شڪور ،ڪمال پنهور ،پپن ميمڻ،شاهد ميمڻ ،عرفان کوسو ثناالله کوسو ،وزير ڀٽي احسان کوسو ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،مانجهند ۾ مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح گوتم چنا منٺار ڇڇر شوال ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو،هوڏانهن ميھڙ شهر سميت ٿرڙي محبت ، نئون ڳوٺ ، فريدآباد ، قاضي عارف ، سنڌي ٻٽڙا ۾ ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رھيا ڪارڪنن عبدالحميد سومرو ،علي شير جوڻيجو،غلام مصطفيٰ چانڊيو،مختيار چانڊيو ، ڪرم علي ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،لاڙڪاڻي ۾ ڪاروبار بند ڪري گلزار احمد سومرو، احمد نواز بروهي، ڪامريڊ طارق جتوئي، شاهد ڪلهوڙو، عامر ڪورائي،محمد صادق لاشاري، امير حسين،ساگر ڪلهوڙو، واجد چانڊيو، زهير سانگي،منور جمالي،مجاهد کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،پليجاڻي ۾ آصف لڙڪو، علي محمد مگسي، الطاف شاھ ،ٽنڊو حيدر ۾ملتان ٺاڪر ۽ شڪور پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،