”پاڻي مسئلي تي وفاق صوبن کي پاڻ ۾ وڙھائي رھيو آھي“

ڪراچي (رپورٽر) ملي يڪجھتي ڪائونسل پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ اداره نورحق ۾  ڪائونسل جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته پڪي جي وارن جي سرپرستيءَ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. پيپلزپارٽي تسلسل سان سنڌ ۾ مسلسل اقتدار ۾آھي پر ھن وقت ڪراچي کان ڪشمور سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آھي.پاڻي جي مسئلي تي وفاق صوبن کي پاڻ ۾ وڙھائي رھيو آھي .عوام وڙھايو حڪومت ڪريو پاليسي ختم ٿيڻ گھرجي. پاڻي ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت سڀئي مسئلا گڏيل مفادات جي ڪونسل ۾ حل ڪيا وڃن. ھن کان اڳ ۾ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جو اجلاس ادارا نورحق ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ ايندڙ 3سالن لاءِ مولانا اسدالله ڀٽو کي صدر، قاضي احمد نوراني کي جنرل سيڪريٽري ۽ مجاھد چنا کي اطلاعات سيڪريٽري سميت مختلف عھدن تي 50 عھديدارن کي چونڊيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.