زرتاج گل تي ٻن ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ زرتاج گل تي 2 ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
فيصل آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ 9 مئي جي چئن ڪيسن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي.
عدالت سول لائن ۾ حساس اداري بابت ڪيس ۽ غلام محمد آباد ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ زرتاج گل تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
عدالت اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ شبلي فراز جون حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.