ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ڪينسر جي ويڪسين دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اها 2025 کان روسي شهريوں کي لڳائي ويندي.
روس جي صحت واري وزارت جي اختيارين موجب انهن ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ وڪسين تيار ڪئي آهي، جيڪا 2025 جي شروعات ۾ شهرين لاءِ دستياب هوندي، خاص ڳالهه اها آهي ته اها وڪسين مفت ۾ فراهم ڪئي ويندي.
روس جي صحت واري وزارت جي ريڊيالاجي ميڊيڪل ريسرچ سينٽر جي چيف آندري ڪاپرين اعلان ڪيو ته اها وڪسين ڪينسر جي علاج لاءِ مخصوص آهي ۽ ٽيومر ٺهڻ کان روڪڻ لاءِ ناهي.
اها وڪسين هر مريض لاءِ انفرادي طور تي تيار ڪئي ويندي، وڪسين جي تياري ۾ مريض جي ٽيومر مان حاصل ڪيل جينيٽڪ مواد، خاص طور تي آر اين اي جو استعمال ڪيو ويندو ته جيئن مدافعتي نظام کي اهڙي تربيت ڏئي سگهجي جو اهو ڪينسر سان مخصوص پروٽينز کي سڃاڻڻ ۽ انهن تي حملو ڪرڻ ۾ مدد ڪري.
ان وڪسين بابت وڌيڪ تفصيل اڃا تائين سامهون ناهن آيا جهڙوڪ اها ڪهڙي قسم جي ڪينسر جو علاج ڪندي، ان جو اثر ڪيترو هوندو ۽ ان جي استعمال جو طريقو ڇا هوندو، جڏهن ته وڪسين جو نالو به اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like