بشريٰ بي بي کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي تي داخل ڪيسن جي تفصيلن لاءِ درخواست ۾ حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.
بشريٰ بي بي تي داخل ڪيسن جي تفصيلن لاءِ درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صاحبزاده اسد الله ۽ جسٽس وقار احمد تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار جي وڪيل عالم خان ايڊووڪيٽ چيو ته توشا خانا ٽو ۾ اڄ اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻو آهي، درخواست گذار اتي پيش ٿيندي، اسان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اڄ انهن جا ٻه ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، پهئرين ڪيس ۾ اسان رپورٽ جمع ڪرائي آهي.
اسپيشل ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته اسان رپورٽ جمع ڪرائي آهي، انهن خلاف نيب جا ٽي ڪيس آهن.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪا انهن جي نئين درخواست آهي، ان ۾ به رپورٽ جمع ڪرايو.
عدالت بشريٰ بي بي جي ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪئي ۽ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.