اسلام آباد( بيورو/م ڊ) سينيٽ جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده پنهنجي ئي وزارت جي گندگي جو انڪشاف ڪندي چيو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۾ گندگي جو انبار آهي. مون وزيراعظم کي چيو آهي ته مون کان اها وزارت ضرور وٺو، جيڪڏهن اها وزارت گذريل سالن ۾ ڪم ڪري ها ته اڄ ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون نه ٺهن ها.هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هي وزارت آهي جيڪا گڏجي ڪم ڪندي آهي، اهي ڪنهن به پاليسي تي پيپر ورڪ تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪري سگهن ٿيون، هائوسنگ واري وزارت ۾ تمام گهڻي گندگي آهي. ڪم، جيڪڏهن اها وزارت گذريل سالن ۾ ڪري ها ته اڄ ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون نه ٺهن ها. نيلامي تي تمام گهٽ ماڻهو اچن ٿا، وزارت تي ڪنهن کي به اعتبار ناهي. هن چيو ته جڏهن نيلامي ٿيندي آهي ته تمام گهٽ ماڻهو ايندا آهن، ڪنهن کي به وزارت تي اعتبار ناهي. مون وزيراعظم کي چيو آهي ته هو مون کان اها وزارت ضرور وٺي، سڀاڻي خبر پوندي ته وزير ٺيڪيدار سان گڏجي پئسا کائي چڪو آهي. چيئرمين ڪميٽي اسلام آباد ۾ جيل جي تعمير جو منصوبو مڪمل نه ڪرڻ تي سي ڊي اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سيپٽمبر ۾ چيئرمين سي ڊي اي ڪميٽي ۾ چيو هو ته منصوبو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي (ايف جي ايڇ اي) جي اسڪيمن ۾ صحافين جي پلاٽ ڪوٽا بابت ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان حوالي سان پلاٽ سليڪشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.