ڪرپشن جي تهه تائين پهچڻ گهرجي!   

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ تازو ڪرپشن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن دوران ريليون ڪڍي ۽ اجتماع منعقد ڪري ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وچن ڪيو ويو۔هن موقعي تي صدر آصف علي زرداري, وزيراعظم جناب محمد شهباز شريف سنڌي جي وڏي وزير سائين سيد مراد علي شاهه سميت سياسي سماجي اڳواڻن جا بيان سامهون آيا آهن جنهن ۾ ملڪ اندر وڌندڙ ڪرپشن تي نه صرف تشويش جو اظهار ڪيو ويو پر انجي خاتمي لاءِ زور ڀريو ۽ عزم ورجايو ويو جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي جو ڪرپشن واري مسئلي تي حڪومت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انجي خاتمي لاءِ اڳڀرو ٿيڻ ۽ سختي ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو.

جنهن وقت ڪرپشن جو عالمي ڏينهن ملهائجي رهيو هو سنڌ ۾ پبلڪ ڪاميٽي جو هڪ اجلاس انجي چيئرمن محترم نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿي رهيو هو جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته سنڌ جي ادارن ۾  هڪ سال اندر لڳ ڀڳ ٻن کرب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي جنهن ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته مڪاني ادارن پاران  سلائي مشينن جي خريداري تي جيڪي ٽينڊر يا ڪوٽيشن ورتا ويا سي في سلائي مشين نوي هزار رپين ۾ خريد ٿيون ٻي ڪرپشن الڳ آهي۔ اجلاس ۾ تشويش جو اظهار ته ضرور ٿيو پر فوري طور ڪنهن به قسم جي ڪاروائي جو اعلان نه ٿيو نه وري ڪو پڪڙ هيٺ آيو جو سنڌ ۾ مڪاني ادارن ۾ ويٺل سربراهه حڪومتي ڌر جا آهن جن کي احتساب جي دائري ۾ آڻڻ ڪجهه ڏکيو ڪم آهي۔    هي ته صرف مڪاني ادارن جي ڪرپشن سامهون آئي پر سنڌ جي ٻين مختلف ادارن جو به ساڳيو حال آهي جتي نه صرف سنڌ جي بجيٽن تي ڌاڙو لڳندو رهي ٿو پر سنڌ اندر جيڪي به پرڏيهي نوعيت يا عالمي و ايشن ترقياتي بئنڪن جي مالي معاونت سان رٿائون جاري آهن انهن کي به بخشيو نٿو وڃي ۽ ڪامورا ڪرپشن ڪري رٽائر به ٿي گهرن ۾ وڃي سک جو ساهه کڻن ٿا۔تازو ويجهڙائي ۾ نيب پاران سنڌ جي آن فارم واٽر مئنيجمنٽ کاتي جي آفيسرن تي ڇاپو لڳو جن مان هڪ اڌ  هٿيڪو جڏهن ته هڪ اڌ ٻاهرين ملڪ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن کي اڳ ۾ ئي گرفتاري جو ڊپ هو.                                            ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جو مرڪزي ڳڙهه روينيو, پوليس کاتو,بلڊنگس کاتو روڊ کاتو صحت کاتو ۽ مختلف نوعيت جا ٻيا مک کاتا شامل آهن جن جا سربراه  سنڌ ۾ تعينات سي ايس ڪامورا آهن جيڪي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪن ٿا جيڪي سياسي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڪنهن به ڪاروائي کان آجا قرار ڏنل هوندا آهن۔روينيو کاتو ته ڪرپشن جي اصل جڙ آهي جن جا ڊپٽي ڪمشنر مختيارڪار ۽ تپيدار لاهيو پاهيو ويٺا هوندا آهن۔ سنڌ جي ڪاڇي ڪوهستان ٿر جون سرڪاري زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي پنهنجي ملازمن يا ٻين سرڪاري ملازمن کي بي زمين هاري قرار ڏئي ليز ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته اتان جا مقامي حقدار هاري هن وقت به بي زمين ۽ عذاب هيٺ ڏسڻ ۾ ملندا۔روينيو اندر ٿيندڙ ڪرپشن سبب قبائلي جهيڙا ٿي رهيا آهن رڳو ويجهڙائي وارن سالن ۾ وڏي انگ ۾ بيگناهه زمينن جي معاملن تي قتل ٿيا آهن يا پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏي خوف وچان وڏن شهرن ۾ پناهه وٺي بي يارو مدد ويٺل آهن۔دادو ضلعي جي ڪاڇو ڄامشورو جو ڪوهستان ۽ ٿر روينيو جي ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن کان متاثر ٿيل آهن جتان جون رڪارڊ جي سڙي وڃڻ جو بهانو بڻائي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪري قيمتي زمينون سردارن ۽ وڏيرن يا انهن جي ڪارندن کي ڏني ويون آهن جنهن سان سرڪار کي کربين رپين جو نقصان وڌو ويو آهي پر ڪنهن به هڪ ڪاموري يا تپيدار کي سزا ملي ناهي سگهي. روينيو کاتو جي بورڊ آف روينيو ۾ ويٺل ميمبر ته تپيدارن کان وڌيڪ اذيت پهچائيندڙ ڪامورا بڻيل آهن جيڪي انصاف ۾ دير ڪن ٿا يا غلط فيصلا ڏين ٿا جنهنڪري به قبائلي جهيڙا ٿين ٿا۔روينيو ڪورٽون هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن هلن ٿيون سو به ميمبرن جي مرضي ته اهي اچن يا نه يا وري منجهند ڪري پهچن جنهن سان پري کان ايندڙ سائلين پريشان هوندا آهن ۽ اهڙي عذاب سبب عام ماڻهو روينيو عدالتن جو رخ ئي نٿو ڪري۔روينيو کاتي ۾ ڪرپشن اتي دنگ ناهي ٿي شهري علائقن جون زرعي زمينون به ليز ڪري بلڊر يا اسٽيٽ مافيه کي سڪني ڪري ڏنيون پيون وڃن جتي ڪالونيون ۽ هائوسنگ سوسائٽيون ٺهن پيون جن جي ڪري مقامي طور ساين ڀاڄين ۽ ميون اپائڻ واري سلسلي کي به وڏو ڌڪ لڳو آهي۔اهڙي حالت ۾ ڪرپشن ڪيئن ٿي ختم ٿي سگهي۔سوسائٽين جا ڪارنده به روينيو کاتي سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪرپشن ڪن ٿا جنهن ۾ ساڳيو ئي پلاٽ  مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪن ٿا جنهن ڪري به خونريزي ٿئي ٿي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو انتظامي ڪامورو ناهي رهيو جو نوٽيس وٺي۔اهڙي صورت ۾ ڪرپشن وڌندي پر ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.

ڪرپشن ۽ ناانصافين ۾ پوليس کاتو به ٻه وکون اڳتي آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته سنڌ پوليس ۾ اڪثر آفيسر ويندي سپاهي تائين وزيرن يا اسيمبلي ميمبرن سردارن وڏيرن جا سفارشي يا وري انهن جو اولاد مٽ مائٽ ڀرتي ٿيل آهي جيڪي خوف خدا نٿا رکن۔سنڌ ۾ فل فراء ۽ هاف فراء جي نالي ۾ پوليس دهشتگردي هلي رهي آهي۔ نصرالله گڏاڻي شاهنواز ڪنڀر اجمل ساوند ۽ ٻين ساڃاهه وندن صحافين ڊاڪٽرن پروفيسرن جا ويجهڙائي ۾ قتل رڪارڊ تي آهن جن کي به انصاف ملي ناهي سگهيو۔ٿاڻن جي موجودگي ۾ زير زمين ٿاڪ ڪم ڪن ٿا جتي بيگناهه ماڻهن کي بند رکي کين ايذايو وڃي ٿو ۽ آزادي لاءِ کانئن وڏي رقم طلب ڪئي وڃي ٿي جيڪي غيرقانوني ٿاڪ بند ٿيڻ گهرجن ته جيئن بيگناهه نظربند ماڻهن سان گهر ڀاتي رسائي ڪري سگهن۔عدالتون به هن وقت ڌر بڻيل آهن جنهنڪري به عام ماڻهو کي انصاف نٿو ملي جيڪو ملڻ گهرجن۔  سنڌ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ الڳ ائنٽي ڪرپشن کاتو  ٺهيل آهي جتي خود ڪرپشن جو وجود آهي عام ماڻهو کي انصاف نٿو ملي نه وري انجي شڪايت جو ازالو نٿو ٿئي اهڙي صورت ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن کاتي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي جنهن جو چيئرمن عام ڪامورو نه بلڪ ڪنهن حاضر سروس جج کي مقرر ڪيو وڃي.

ڪرپشن جي اصل جڙ حڪومت جا سربراه وزير ۽ اسيمبلي ميمبر خود به آهن جن کي هر سال ترقياتي ڪمن لاءِ ڪروڙين رپيا ملن ٿا جيڪي صحيح نموني خرچ نٿا ٿين ۽ اهي پئسا ڦٻائي ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ محفوظ رکيا وڃن ٿا جتي سندن ڪاروبار به هلي ٿو نيب کين پڪڙي به ٿي کين سزائون به ملن ٿيون ۽ جڏهن ٻيهر اقتدار ۾ اچن ٿا سمورا ڪيس ۽ سزائون ختم ٿيو وڃن۔اهڙي حالت ۾ ڪرپشن وڌندي پر ختم نه ٿيندي۔تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪرپشن مٿان کان ختم ڪئي وڃي باقي بيانن سان ڪرپشن ختم نه ٿيندي پر ڪرپشن جي تهه تائين پهچڻو پوندو.                                ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي تي حڪومتي قيادت ۽ اڳواڻن پاران ڏنل بيان پنهنجي جاء تي قابل تعريف آهن پر اهي بيان بيانن تائين محدود نه هجڻ گهرجن انجو نوٽيس وٺڻ ۽ انجي خاتمي لاءِ عمل ڪرڻ جي به ضرورت آهي۔   ماضي ۾ وڃبو ته ملڪ ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪرپشن جو ايڏو وڏو وجود نه هو سمورا ادارا ۽ ڪامورا قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪندا هئا ڪرپشن هئي پر پنج سيڪڙو تائين محدود هئي جيڪا جمهوري حڪومتن جي دورن ۾ وڌي اسي سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي جنهن سان ملڪ به معاشي ۽ اخلاقي طور تباهه ۽ مفلوج ٿي چڪو آهي۔سنڌ ۾ ڪرپشن جي اصل جڙ ڏانهن به وڃڻو ۽ ڏسڻو پوندو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا ڪهڙا ڪارڻ آهي ۽ ڪرپشن پويان ڪهڙا ڳجها هٿ آهن ڪرپشن جو پئسو ڪيڏانهن وڃي ٿو ۽ پهچي ٿو۔سنڌ ۾ ڪرپشن جي اصل جڙ ميرٽ جي لتاڙ ۽ لکين ڪروڙين رپين جي عيوض يا سفارشن جي بنياد تي سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ بدليون ۽ مقرريون پڻ آهي۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪرپشن جي ڳڻتي جوڳي معاملي تي بيان بازي نه پر عمل گهرجي۔ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته احتساب جي شروعات اعلي حڪومتي قيادت وزيرن سيڪريٽرين ڊپٽي ڪمشنرن مختيارڪارن تپيدارن  ۽ پوليس جي اعلي آفيسرن کان ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن اهي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا ته ڪرپشن گهٽبي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.