منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ٿئي؟

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

 اڄ ڪلھه جي حالتن تي نظر ڪجي ته معاشري اندر منشيات جي مستي ھلي رھي آھي جنھن سبب موت سستي بڻجي وئي آھي ائين کڻي چئجي ته ھر پاسي ماڻھن جي مرڻ ۾ ڏينھون ڏينھن وڏي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ھِن دؤر ۾ انسان جي ڪا اھميت ئي ناھي رھي ماڻھو مارڻ آسان بڻجي ويو آھي جنھن جي ڪري معاشري اندر مختلف ۽ نوان نشا برآمد ڪري ماڻھن کي مارڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيل آھي ان جو خاتمو مشڪل بڻجي سگھي باقي ڏينھون ڏينھن اضافو ضرور ٿيندو رھندو منشيات سبب ھر پاسي ماڻھن جي مرڻ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.

جيئن تازو منھنجي شھر سڪرنڊ ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 6 ماڻھو فوت ٿي ويا حقيقت ۾ ھي 6 ماڻھو نه پر 6 گھر اُجڙي تباھ برباد ٿي ويا پر افسوس ته چونڊيل نمائندن يا سيڪورٽي ادارن سميت حڪومتي ڪنھن اداري جي ڪن تي ڪا جُونءَ نه چُري ته ايڏو وڏو واقعو ڇو ٿيو ؟ خير سنڌ سونھاري ۾ اھڙي قسم جو پھريون واقعو نه ٿيو آھي ماضي ۾ پڻ اھڙي قسم جا وڏا واقعا ٿيندا رهندا آھن پر افسوس ته وقت جي حڪومت اھڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام ئي رهي آھي جنھن معاشري ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ منشيات ھلندي ھجي ته وقت جي سرڪار لاءِ اھڙا واقعا اھميت ئي نٿا رکن ڇو ته اُنھن کي پنھنجي منٿلي ڪميشن کپي جيڪا انھن کي ملندي رھي ٿي ته پوءِ اعتراض ۽ افسوس ڇو ڪن ؟ منشيات ڪنھن ھڪ شھر يا صوبي جو مسئلو ناھي منھنجي گھٽ سوچ ۽ اکين ڏٺو احوال مطابق جيڪو نشو سنڌ اندر واپرايو وڃي ٿو شايد ٻئي ڪنھن صوبي ۾ ايترو نشو ناھي وڏي ڳالهه ته پنجاب جي وڏن شھرن لاھور ملتان اسلام آباد جھڙن شھرن ۾ بمبئي، تُلسي سپاري کان سواءِ ٻئي مِٺي سوپاري نٿي ملي ان جي مقابلي ۾ سنڌ اندر مِٺي سوپاري جا درجن کان وڌيڪ نمونا ھلي رھيا آھن جيڪي ھڪ ٻن سالن جي ڄمار وارن ٻارن کان وٺي وڏي عمر وارا پوڙھا پڪا شوق سان کائي رھيا آھن جنھن جا پڻ وڏا نقصان سامھون ايندا رھن ٿا پر انسان جيڪو نشو ڪري ٿو ان کي ڇڏڻ ان جي لاءِ مشڪل بڻجي وڃي ٿو آخر ڪار اُھو نشو ان جي حسين زندگيءَ کي پورو ڪري پوءِ ھٿ ڪڍندو آھي باقي ڪنھن بہ انسان کي پنھنجي زندگيءَ جو ڪو احساس ئي ناھي رھيو ته ھي نشو منھنجي زندگي تباھ برباد ڪري رھيو آھي ھِن کي ڇڏي ڏيان اھڙي سوچ ئي ناھي رھي ته محنت مزدوري ڪري گھر جا پئسا خرچ ڪري پنھنجي پاڻ لاءِ موتمار منشيات خريد ڪري پنھنجي زندگي ختم ڪري رھيا آھيون پر ڇا ڪجي جيڪڏھن وقت جي حڪومت منشيات فروشن کي آزادي ڏئي ڇڏي ته پوءِ اھڙو ماڻھو مار ڪاروبار عروج حاصل نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري جنھن کي وقت جي سرڪار جي سرپرستي ھجي ته اُھو پنھنجي منزل مقصود حاصل نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري سو اسان جي معاشري ۽ سنڌ صوبي جو ساڳيو حال آ جيڪو توھان جي اڳيان کولي پيش ڪيو آھي جيڪڏھن وقت جي حڪومت سنجيدگي جو مظاھرو ڪري ۽ ھر ضلعي جو ايس پي ايماندار ۽ سچو ھجي ته پوءِ منشيات جي موڪلاڻي ٿي سگھي ٿي باقي ٻئي صورت ۾ صرف ۽ صرف ڪوڙا ڇاپا ريٽ ڪري منشيات فروشن کي ڀڄائي ڪاروائي ڪري صرف ڪجهه مال ھٿ ڪيو ويندو آھي باقي منھنجي شھر سڪرنڊ ۾ اڪثر منشيات فروش ڏوھاري ڀڄي ويندا آھن ۽ منشيات ملي ويندي آھي جنھن کي وڏي ڪاروائي ۽ بھتر ڪارڪردگي جو لقب ڏئي عوام کي ڏيکاريو ويندو آھي ته ڏسو سنڌ پوليس ڪيڏي وڏي ڪارروائي ڪئي آھي پر حقيقت ۾ ڪجهه نه ھوندو آھي جنھن جي ڪري معاشري اندر ڏينھون ڏينھن منشيات جي مستي ۽ موت سستي بڻجي رھي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.