پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي برادري لاءِ سٺي خبر اچي وئي، خيبر پختونخوا حڪومت عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن کي ڊسمبر جي ايڊوانس پگهار ۽ پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
خيبر پختونخواهه حڪومت ڪرسمس جي حوالي سان عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن کي ڊسمبر جي ايڊوانس پگهار، پينشن ۽ الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان حوالي سان خيبر پختونخواهه جي ناڻي واري وزارت سڀني کاتن کي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن کي پگهار، پينشن ۽ الائونس اڳ ۾ ڏنو وڃي.
ياد رهي ته 25 ڊسمبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري ڪرسمس جو تهوار ملهائيندي آهي.
Prev Post
اوڏيرولال اسٽيشن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ۾ ستين ڏينهن به ڊوائس مافيا جي هڪ هٽي برقرار
Next Post
You might also like