لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ملاح جي رھواسڻ مسمات ثمينا اوڍاڻو ڌي ڪمال خان اوڍاڻو اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.
ثمينا اوڍاڻو دانهيندي چيو ته منهنجي شادي 8 مهينا اڳ ياسين سهتو پٽ ممتاز سهتو سان ٿي هئي، مون کي شادي کانپوءِ خبر پئي ته ياسين سهتو جنهن جون اڳ ۾ به ٻه شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته هن 8 مهينا گڏ رهڻ کانپوءِ مون کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته هو هڪ بااثر ۽ فراڊي ماڻهو آهي، جنهن منهنجي ڏاج، سونا زيور ۽ ٻيو سامان به پاڻ وٽ رکيو آهي، هاڻي مون کي ۽ منهنجي خاندان کي موتمار ڌمڪيو ڏئي رهيو آھي.
سندس چوڻ هو ته مان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي عرض ٿي ڪيان ته مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي، مون کي پنهنجو قيمتي سامان واپس ڏيارڻ سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.