ملير (ڊ ر) اسٽيل مل جي متاثر زميندارن جون 1500 ايڪڙ زمينون اسٽيل مل پي آءِ ڊي سي کي وڪرو ڪري ڇڏيون، متاثرن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ، هاءِ ڪورٽ پاران متاثرن جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ باوجود ان تي عمل نه ٿيو، متاثر زميندارن پاران زمينون، ڳوٺ ۽ قبرستان واپس ڪرڻ جو مطالبو، ان سلسلي ۾ متاثر زميندارن سيد خدا ڏنو شاهه، رئيس عبدالله گبول، عبدالرحمان گبول، گلزار گبول ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جون صدين کان زمينون ۽ ڳوٺ ان دور جي حڪومت اسان کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد باني ذوالفقار علي ڀٽو جي چوڻ تي ڏنيون هيون، جنهن اسان سان واعدا پڻ ڪيا هئا ته توهان جون جيڪي زمينون خريد ڪيون وينديون ان جي رقم ڇهن مهينن اندر توهان کي ادا ڪيون وينديون، خالي زمينون، ڳوٺ ۽ قبرستان انهن ماڻهن جا هوندا جيڪي صدين کان انهن تي حق رکن ٿا، اهڙو واعدو ان دوران وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي زميندارن سان ڪيو هو ۽ ان دور جي ڊپٽي ڪليڪٽر کي لکت ۾ پڻ ڏنو هو ته اهي زمينون، خالي ڳوٺ، قبرستان انهن جون آهن انهن کي اتان اٿاريو نه ويندو اهو فيصلو اسان وٽ موجود آهي، ان آڌار تي هاءِ ڪورٽ انهن زمينن جي سروي ڊي سي ملير ڪرائي چڪو آهي جنهن جي رپورٽ پڻ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿيل آهي، ان تي عمل ڪندي هاءِ ڪورٽ زميندارن جي حقن ۾ فيصلو پڻ ڏئي چڪي آهي ان باوجود اسٽيل مل ۽ سنڌ حڪومت ڳٺ جوڙ سان اهي زمينون وڪرو ڪري رهي آهي، ڄاڻايل زمينن جي صفائي پڻ ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته اسان کي اهو چيو ويو آهي ته خالي زمينون، ڳوٺ ۽ قبرستان سڀ غير ملڪين کي فيڪٽريون لڳائڻ لاءِ ڏنيون پيون وڃن توهان جو ان تي ڪو به حق نه آهي، هنن وزيراعظم پاڪستان، صدر پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جون صدين کان موجود زمينون، ڳوٺ ۽ قبرستان واپس ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.