مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ايجنٽ جو ڪردار ختم ڪرڻو پوندو:نثار کهڙو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو سکر ڊويزن جي گڏجاڻي بعد صنعتن واري وزير ڄام اڪرام ڌاريجو سان پريس ڪانفرس ڪندي چيو آھي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪري عام ماڻھن جي زندگي تي ڪو خاص اثر نٿو پوي، گذريل ڏينھن وزير اعظم بيان پڙھيو آھي جنھن ۾ ھن چيو آھي ته مهانگائي 3.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي  آھي ، ان بيان تي اعتبار نه ٿو اچي ، مارڪيٽ ۾ ته سبزيون به مهانگيون ملي رھيون آھن. ھن چيو ته ھاري ۽ آبادگار کي ڪو فائدو نه ٿو ملي ، انھن کي نقصان ٿئي ٿو ، ڇاڪاڻ ته ڀاڻ ۽ دوائون مهانگيون آھن. اصل ۾ مڊل مين ڪمائي رھيو آھي. ان کي روڪڻ جي ضرورت آھي مڊل مين وارو ڪلچرل ڪيئن ختم ڪجي حڪومت کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ھن چيو ته ڪينالن واري منصوبي کي اسان رد ڪري ڇڏيو آھي. ڇهھ ڪينال پنجاب جا ناھن ،ان ۾ ٻه ڪينال سنڌ ۽ ھڪ ڪينال بلوچستان ۾ آھي،اسان جو اعتراض آھي ته اھي اسان جي حصي جو پاڻي کڻندا. ڪينال واري منصوبي تي اڃا ڪو فيصلو ناھي ٿيو. ھن چيو ته جڏھن ارسا چئي رھي آھي ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آھي  ته پوءِ نوان  ڪينال ڪيئن ڪڍي سگھجن ٿا؟ سنڌ جي 36 لک زمين تي سمنڊ جو کارو پاڻي اچي چڪو آھي. ٺٽي ، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ ان زمين تي پوکي ٿيندي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.