عمران جي رويي ۾ تبديلي،پارٽي اڳواڻن پاران نوازشريف وٽ وڃڻ جي تجويز

اسلام آباد(حماد حسن)پي ٽي آءِ جي ٽن ڳجهين گڏجاڻين جو انڪشاف،فيض حميد معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ عمران خان جون اکيون کلي ويون؟ گذريل 48 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ جون ٽي گڏجاڻيون ٿيون،مک ميٽنگ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر تي ٿي،ٽين ملاقات پارليامينٽ لاجز جي ڪمري ۾ ٿي جنهن ۾ پارٽي جا سنجيده اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڏينهون ڏينهن مشڪلات وڌي رهي آهي، پارٽي تباهه ٿي رهي آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي، اسان جو اڳواڻ جيل ۾ پيو آهي،پارٽي جو اڳواڻ ڪڏهن علي امين گنڊاپور ،ڪڏهن بشريٰ بي بي ته ڪڏهن عليمه خان بڻجي وڃي ٿي،انهن سمورن معاملن تي غورويچار ڪيو ويو،ذريعن مطابق اجلاسن ۾ قرآن پاڪ تي حلف کنيو ويو ته اهي ڳالهيون ميڊيا ۾ نه اچڻ گهرجن، طئي ڪيو ويو ته عمران خان آڏو هاڻي ڄمي اهو چوڻو پوندو ته توهان پاڻ،اسان کي ۽ ڪارڪنن کي به برباد ڪري ڇڏيو آهي،هڪ اڳواڻ انڪشاف ڪيو ته عمران خان جو ذهن به تبديل ٿي رهيو آهي، هن جي اندر به جذباتيت ۽ جارحيت وارو رويو ختم ٿي رهيو آهي، هو هاڻي گهڻو ٿڪجي پيو آهي،جيتوڻيڪ عدالتن ۾ پيشي دوران هو ميڊيا آڏو پاڻ کي تندرست ۽ توانا رهڻ جو ڏيکاءُ ڪندو آهي پر ذهني طور تي هو  ڪمزور ٿي چڪو آهي،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسان پنهنجي حڪمت عملي کي مڪمل طور تبديل ڪنداسين،سوشل ميڊيا جي وڏي عرصي کان پاليل هٿيار کان لاتعلقي ڏيکاري ويندي،جيڪو به ماڻهو گارگند  ڪندو ان جي پوئواري نه ڪئي ويندي، جڏهن ته جيڪي يوٽيوبر پارٽي جي نالي تي پئسو ڪمائي رهيا آهن ۽ عمران خان لاءِ ڏچو بڻجي رهيا آهن انهن کان لاتعلقي ڏيکاري ويندي،جڏهن ته عمران خان کي چيو ويندو ته بشريٰ بي بي کي گهر تائين محدود رکي،ذريعن مطابق هاڻي پارٽي اندر آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن،عمران خان جي پاليسين جي ڪري اڳواڻ تنگ ٿي ويا آهن، اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته ڪي پي ۾ علي امين گنڊاپور کي تبديل ڪيو وڃي،ڇو ته صوبي ۾ ڪو به ڪم نه پيو ٿئي، مريم نواز پنجاب جي حوالي سان سرگرم آهي،هو چين جو دورو ڪري رهي آهي،مراد علي شاهه به سنڌ ۾ ڪم ڪرائي رهيو آهي،اجلاس ۾ اها تجويز به آئي ته عمران خان کان اجازت وٺي هڪ بااختيار وفد جاتي امرا ڏانهن نوازشريف سان ملاقات لاءِ موڪليو وڃي،هاڻي اسان کي سياسي ڳالهين ڏانهن وڃڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.