سنڌ ۾ غيرقانوني قتلن جو سلسلو هڪ انتهائي حساس ۽ قانون جي بي حسي ۽ طاقتور ڌرين جي سياسي مداخلت نه صرف سماج ۾ بيچيني وڌائي آهي، پر انساني حقن جي بنيادي اصولن کي به رولي ڇڏيو آهي. علي رضا زنگيجو جو واقعو، جنهن کي خيرپور جي ٽنڊو مستي مان سندس ڀيڻ اڳيان گرفتار ڪري ڪجهه ڏينهن حراست ۾ رکڻ کان پوءِ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسان جي معاشري ۾ اخلاقي زوال ڪيترو وڌي چڪو آهي.
پاڪستان جو آئين هر شهري کي زندگي جو حق ڏئي ٿو، پر سنڌ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. طاقتور ڌريون پنهنجي مفادن لاءِ انسانيت کي لتاڙي رهيون آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خراب ڪارڪردگي، جعلي پوليس مقابلن، ۽ سياسي دٻاءَ تحت جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جهڙا مسئلا عام ٿي چڪا آهن.اهڙن واقعن سان ٻهراڙين جا ماڻهو وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. علي رضا زنگيجو جي قتل کان پوءِ سندس خاندان ۽ سڄي سماج ۾ بيچيني ۽ غصي جي لهر پکڙيل آهي. زندگي جو حق نه صرف قومي قانون تحت محفوظ آهي، پر اهو عالمي قانونن جو به اهم حصو آهي.افسوس آهي جو هن وقت پوري ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ اندر هر روز هڪ نئون واقعو پيش اچي پيو پر حڪومت خاموش آهي. ان مان اهو ظاهر پيو ٿئي ته حڪومت تي اھڙن واقعن سان عالمي دنيا ۾ ڪهڙو پيغام ويندو ان جي کيس ڪا پرواهه ناهي.
پاڪستان جو آئين 1973آرٽيڪل 9: زندگي ۽ آزادي جو حق هر شهري لاءِ محفوظ آهي.آرٽيڪل 14: انساني وقار جو تحفظ بنيادي حق آهي.پاڪستان پينل ڪوڊ (PPC):سڪشن 302 قتل جي صورت ۾ جوابدارن لاءِ سخت سزا مقرر آهي.سڪشن 365 اغوا غيرقانوني عمل آهي، جنهن تي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي.
پوليس آرڊر 2002پوليس کي قانوني حدن اندر انساني حقن جي تحفظ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي.انساني حقن جو عالمي اعلاميو (UDHR)آرٽيڪل 3: هر انسان کي زندگي، آزادي، ۽ تحفظ جو حق آهي.
آرٽيڪل 5: اذيت ڏيڻ يا غيرانساني سلوڪ منع آهي.بين الاقوامي معاهدو براءِ شهري ۽ سياسي حق (ICCPR)آرٽيڪل 6: غيرقانوني قتلن کي عالمي سطح تي روڪيو ويو آهي.آرٽيڪل 9: هر فرد کي آزادي ۽ سلامتي جو حق آهي.
اقوام متحده جي تشدد خلاف ڪنوينشن ۾ڪنهن به فرد کي تشدد يا ظالماڻي سلوڪ جو شڪار بڻائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
غيرقانوني قتلن جو تسلسل نه صرف قانون، پر انسانيت لاءِ به خطرو بڻجي ويو آهي. اهڙن واقعن سان عوام ۾ بيحسي ۽ خوف وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن انهن مسئلن کي حل نه ڪيو ويو، ته اهو نظام عوام جي جان، مال، ۽ عزت لاءِ مستقل خطرو بڻجي ويندو. قومي ۽ بين الاقوامي قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.غيرجانبدار جاچ ڪميشن قائم ڪري اهڙن واقعن جي جاچ ڪئي وڃي.پوليس ۽ ٻين ادارن کي جديد تربيت ۽ انساني حقن بابت شعور ڏنو وڃي.متاثر ماڻهن کي تيز تر انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ عدالتي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي.انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي وڃي ته هو اهڙن واقعن تي ڌيان ڏين.
غيرقانوني قتلن جو خاتمو سنڌ ۽ پوري انسانيت لاءِ اهم آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بهتر بڻائڻ ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ ضروري آهي. انساني حقن جو تحفظ نه صرف قانوني ذميواري آهي، پر هڪ اخلاقي فرض به آهي. خاموشي اختيار ڪرڻ انسانيت خلاف ڏوهه برابر آهي، ان ڪري اسان سڀني کي گڏجي اهڙن مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجي.
سنڌ ۾ غيرقانوني قتلن جو سلسلو هڪ انتهائي حساس ۽ قانون جي بي حسي ۽ طاقتور ڌرين جي سياسي مداخلت نه صرف سماج ۾ بيچيني وڌائي آهي، پر انساني حقن جي بنيادي اصولن کي به رولي ڇڏيو آهي. علي رضا زنگيجو جو واقعو، جنهن کي خيرپور جي ٽنڊو مستي مان سندس ڀيڻ اڳيان گرفتار ڪري ڪجهه ڏينهن حراست ۾ رکڻ کان پوءِ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسان جي معاشري ۾ اخلاقي زوال ڪيترو وڌي چڪو آهي.