شام ۾ انقلاب آڻيندڙ باغي اڳواڻ ابو محمد الجولاني عرف احمد الشارع 1982ع ڌاري ۾ سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حسين الشارع 1989 تائين بطور آئل انجنيئر جي عهدي تائين سعودي عرب ۾ ڪيو. 1989 ۾ جولاني خاندان شام ڏانهن واپس آيو. جولاني ننڍپڻ شام جي محلي مينري ۾ کيڏندي گذاريو. جولاني هڪ جهادي جي حيثيت ۾ عراق جو سفر شروع ڪيو. عراق ۾ القائده لاءِ به ڪم ڪيو ۽ القائده جو سرگرم ڪارڪن به رهيو. 2003 ۾ آمريڪا جي ماڻهن تي حملي ٿيڻ کان پوءِ عراق ۾ ويڙهاڪن سان شامل ٿي ويو. جولاني کي 2005 ۾ عراق ۾ ڪيمپ بوڪا ۾ قيد ڪيو ويو. بعد ۾ جولاني جيل ۾ ابوبڪر البغدادي سان ملاقات پڻ ڪئي. جيڪو خاموش اسڪالر هيو. 2011 ۾ ابوبڪر البغدادي جولاني کي هڪ خفيا ايجنسي جي گروپ النصره فرنٽ جي جوڙجڪ لاءِ فنڊنگ سان گڏ شام موڪليو. 2012 تائين اتي رهيو. 2021 ۾ طالبان پاران آمريڪا کي افغانستان ۾ ڊوڙائي ڪڍڻ تي جولاني طالبان لاءِ تعريفي لفظ چيا هئا.
شام ۾ انقلاب اچي ويو آهي ۽ اڳوڻو حڪمران بشر الاسد کي هڪ ڊڪٽيٽر ۽ ظالم حڪمران طور تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن ادلب ۾ هزارن جي تعداد ۾ مخالفن کي قتل ڪرايو جن ۾ مرد، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا به شامل هئا. 2018 ۾ گهرو ويڙهه سبب ملڪ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصو بشرالاسد جي ڪنٽرول ۾، ٻيو حصو باغين جي ڪنٽرول ۾ ۽ ٽيون حصو ڪردن جي ڪنٽرول ۾ رهيو. شام عالمي قوتن جي راند جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
بشرالاسد کي ايران ۽ روس جي حمايت حاصل رهي. باغي ڌڙي جي حمايت ترڪي، سعودي عرب ۽ آمريڪا ڪري رهيا هئا. شام جي ڪردن کي آمريڪا جي سڌي طرح حمايت حاصل رهي آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا چين ۽ روس جي گڏيل بالادستي کان خوفزده آهي. روس ۽ ايران بشرالاسد جي حڪومت کي قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 2020 ۾ روس ۽ ترڪي ادلب ۾ جاري گهرو ويڙهه کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو به ڪيو هيو. ڪيترن ئي سالن کان جاري گهرو ويڙهه سبب شام جي معشيت کي وڏو نقصان رسايو ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو متاثر ٿيا. گهرو ويڙهه کان اڳ شام جي آبادي 2 ڪروڙ 20 لک هئي 20 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا اڄ به 20 لک ماڻهو مختلف ڪيمپن ۾ رهندي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. 60 لک ماڻهو ملڪ ڇڏي لبنان، اردن ۽ ترڪي وڃي چڪا آهن. صرف ترڪي ۾ 50 لک ماڻهو جيڪي شام جا آهن پناهگير طور رهيل آهن.
بشرالاسد هڪ ظالم آمر ۽ ڊڪٽيٽر هو. 2021 ۾ بشرالاسد باغين کي ڪچلڻ لاءِ ڳتيل آبادين تي ڪيمائي ۽ زهريلا هٿيار به استعمال ڪيا. جنهن سبب ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. شام هڪ آسودو ملڪ هو. صرف روس ۽ آمريڪا جي الڳ الڳ مفادن سبب سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو. شام عوام کي سستي بجلي ڏيڻ لاءِ بجلي پيداوار وڌائي. دنيا ۾ ٽيون نمبر شام ملڪ هو جيڪو سستي بجلي ڏيندو هو. يعني 03 ڊالر في ڪلو واٽ. 2011 ۾ شام ۾ عليحدگي جو نعرو هڻندڙڻ خلاف بشرالاسد حڪومت مٿن ڏمرجي پئي. جنهن کان پوءِ شام ۾ حڪومت ۽ باغين وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي ويئي.
ايران ۽ روس جي يقين ڏيارڻ باوجود به نظر اچي رهيو هو ته اسد جا دوست ۽ حامي به سندس کي اڪيلو ڪري رهيا آهن. ۽ اسد کي به ديوار تي لکيل سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هو ته هو هاڻي اڪيلو ٿي رهيو آهي. سرڪاري فوج بد دل ۽ بدزن ٿي پنهنجو حوصلو وڃائي رهي هئي. ملڪ ۾ حد درجي جي وڌيل مهانگائي سبب ملڪ جي فوجين کي به وقت سر پگهارون نه ملي رهيون هيون. انقلاب کان صرف 2 ڏينهن اڳ بشرالاسد فوجين جي پگهار ۾ 100 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو هو. پر اصل ۾ فوجين جي حوصلي وڌائڻ جي سندس جي اها آخري ڪوشش هئي. پر ان ڪوشش ۾ گهڻي دير تي چڪي هئي. 13 سالن جي مسلسل جنگ فوجين جي حوصلي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. اسد حڪومت جو عوام به ساٿ ڇڏي رهيو هو. سندس مقابلو به سندس ئي عوام سان هو ۽ اوڀر اولهه جو علائقو سندس هٿن مان نڪري چڪو هو. رهيل ڪسر وري هڪ ٻئي باغي ڌڙي پوري ڪري ڇڏي.
حيرت ڏيندڙ ڳالهه اها به هئي ته دمشق جي چوڌاري خود دارالحڪومت ۾ ڪنهن ويڙهه يا مزاحمت جي سرڪاري فوجون سپرانداز ۾ پوئتي هٽنديون رهيون. حالانڪه اهڙي توقع نه هئي پر سرڪاري فوجون 13 سالن جي مسلسل ويڙهه سبب ٿڪيل ڏسڻ آيون. ايتري قدر جو شام جي فوج عراق جي سرحد لڳ پنهنجو سامان، هٿيار ۽ گاڏين سميت پاڻ کي عراقي فوجين حوالي ڪري رهيا هئا. ڏٺو وڃي ته خود بشرالاسد به ائين ئي ڪيو هو ملڪ ڇڏي روس وڃي پناهه ورتي ۽ پنهنجي خاندان سميت جان بچائي ورتي. شام جي فوجين بهتر ڪيو جو وڌيڪ جنگ نه ڪئي ۽ نه وري ڪا باغين سان مزاحمت ڪئي نه ته اڃا به رت وهي ها.
اسد خاندان جي 53 سالن جي اقتدار جو خاتمو اچي ويو. شام جهڙي صورتحال هڪ ڊڪٽيٽر لاءِ هڪ سبق آهي. اهڙو سبق جيڪو دنيا جي هر ملڪ ۾ ٻيهر ورجايو ويو آهي. پر اقتدار يا پاور واري ڪرسي جي حوس ۽ اقتدار جي نشي ۾ مزو ئي ٻيو اهي. جنهن جي ڪري اهڙين ڳالهين کي فراموش ڪيو ويندو آهي. پنهنجي ئي گهر جي ماڻهن کي قتل ڪري جيلن ۾ بند ڪري تشدد ڪندي سندن زبانن کي وڍي ٻاهر ڪڍڻ، مهاجر ٿيڻ تي مجبور ڪندي انهن کي عذاب ڏنا ويندا هئا ۽ اهڙو ظالم حڪمران وڌيڪ ڪرسيءَ سان چنبڙيل به نه ڏٺو آهي. ان ظالم حڪمران يا ڊڪٽيٽر جو انجام اسان جي سامهون آهي. 5 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ان گهرو ويڙهه سبب قتل ڪيو ويو آهي. اهو به صرف هڪ شخص جي اقتدار ۾ رهڻ سبب اهڙو اقتدار جنهن جي عزت نه ملڪ ۾ ۽ نه وري دنيا ۾.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمر جنرل ضياءَ الحق ۽ بشر الاسد جي سوچ ۾ ڪو وڏو فرق به نه هو. جنرل ضياءَ به اقتدار سان چنبڙيل رهيو جيئن بشر الاسد جڏهن باغين دمشق تي ڪنٽرول ڪري ورتو ته هوا ۾ صرف هڪ ئي جهاز اڏار ڪري رهيو هو اهو به بشرالاسد جو. بشرالاسد به تيونس جي حڪمران جيان ملڪ مان ڀڄي نڪتو. بشرالاسد جي اقتدار جو خاتمو ايران ۽ روس کي به ڄڻ وڏي شڪست ملي آهي. اها سڀ راند آمريڪا جي شروع ڪيل آهي. آمريڪا نٿو چاهي ته باقي عرب ملڪ روس يا چين جي آکيري اچي وڃن. آمريڪا روس ۽ چين جي بالادستي کي روڪڻ لاءِ ڪمزور عرب ملڪن ۾ اهڙي راند کيڏي رهيو آهي. بشرالاسد جي وڃڻ کان پوءِ ترڪي جو اثر رسوخ شام ۾ اڃان به مضبوط ٿيندو. هن وقت بشرالاسد جا ويجها دوست پريشان ۽ ڪمزوري ۾ آهن. روس هن وقت يوڪرين جي ويڙهه ۾ خراب حالت ۾ جڙيل آهي. ايران به اسرائيل سان ويڙهه سبب ڪمزور ٿي ويو آهي. حزب الله زخمي شينهن آهي. ۽ هاڻي حزب الله ڪنهن وڏي ڪاروائي ڪرڻ کان پري آهي. ڇاڪاڻ ته مالي حالت خراب آهي. شام جي سرڪاري فوج بي حوصلي ٿي چڪي آهي. شام جو عوام بشر الاسد حڪومت جو مخالف آهي. آمريڪا ۾ تبديلي اچي چڪي آهي. ۽ جوءِ بائيڊن وڃي رهيو آهي. ڊونلنڊ ٽرمپ بيان ڏنو آهي ته هو في الحال ڏسو ۽ صبر ڪيو جي پاليسي تي هلي رهيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ شام ملڪ جو اڳواڻ يعني حڪمران جولاني ئي هوندو. سندس اباڻو ڳوٺ گولان جي جبلن ۾ آهي جتان هن خاندان مجبورن 1967 ۾ لڏ پلاڻ ڪئي. 1982 ۾ سندس والد به اسد جي ڊڪٽيٽر شپ ۾ جيل ڪاٽيو ۽ جيل مان فرار ٿيندي جولاني جو والد مختلف عرب ملڪن ۾ دربدري جي زندگي گذاريندو رهيو. جولاني عوام کي اپيل ڪئي آهي ته خوشيءَ ۾ ڪابه فائرنگ نه ڪئي وڃي هن پنهنجي مخالفن کي معافي ڏني آهي. وڏي دل رکندڙ جولاني اعلان ڪيو آهي ته ڪنهن کان به انتقام نه ورتو ويندو. هن اعلان ڪيو آهي ته جيڪي ملڪ مان لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن اهي واپس اچي ملڪ کي معاشي طور اڀارڻ لاءِ هٿ ونڊائن ته جيئن دنيا ۾ شام کي هڪ مثالي ملڪ بڻايو وڃي.
پاڪستان ۾ سياسي استحڪام اچڻ گهرجي. انتقامي سياست کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ عمران خان کي ضد ۽ ارڏائي ختم ڪرڻي پوندي. ن ليگ کان هي حڪومت هلي ڪونه ٿي سگهي ان ڪري نوجوانن ۽ نون چهرن کي موقعو ڏنو ڏنو وڃي.