ڇا طاقتور ماڻهن جو احتساب ٿي سگهندو؟

تحرير: نثار لغاري

اڳ ۾  سياسي ڌريون ۽  تجزئي نگار اهو الزام هڻندا هئا ته  طاقتور ادارن جا  سربراهه  ملڪ جي سياست ۾  مداخلت ڪندا آهن هائبرڊ  حڪومت  قائم  ڪرائيندا آهن  ماڻهن کي هيسائڻ  دهمان ڪرڻ  سياسي ڀڃ ڊاهه  ڪرائيندا آهن  وغيره  پر هاڻ  اهي الزام نه پر حقيقت  بڻجي چڪا آهن   آءِ ايس آءِ  جي اڳوڻي سربراهه تي سنگين قسم جا الزام لڳائي کيس ڪورٽ مارشل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان جي طاقتور ڳُجهي ايجنسي انٽرسروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي اڳوڻي سربراھ، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران باقاعده چارج شيٽ ڪيو ويو آهي.  پاڪستان جي فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) مطابق، ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ فيض حميد خلاف چار مهينا اڳ، 12 آگسٽ تي ڪورٽ مارشل جي ڪاروائي شروع ڪئي وئي هئي.

فيض حميد تي ڪورٽ مارشل ۾ سياسي سرگرمين ۾ شموليت، آفيسل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، رياستي مفاد کي نقصان پهچائڻ ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي نقصان پهچائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.  ڪورٽ مارشل دوران ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار سان لاڳاپيل واقعن بابت به کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر صاف ٻڌايو آھي  ته ان ۾ 9 مئي 2023 سان واسطو رکندڙ واقعن جي جاچ پڻ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو آھي  ته انهن واقعن ۾ ڪجهھ سياسي عنصرن سان ڳٺ جوڙ جي جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.  .آءِ ايس پي آر  جي بيان موجب، ڪورٽ مارشل جي دوران فيض حميد کي قانون موجب سمورا حق ڏنا پيا وڃن. ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد تي اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضي بابت وزارت دفاع کي هڪ درخواست ڏني وئي ھئي جنھن تي باقائده ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ان ڪيس ۾ فيض حميد تي الزام لڳايو ويو ھو ته هن نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ کي اغوا ڪيو هو. بعد ۾ ان تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. اھي اطلاع پڻ موجود آھن  ته فيض حميد اها زمين پنهنجي ڀاءَ جي نالي ڪرڻ لاءِ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ تي دٻاءَ وجهي رهيو هو، پر فيض حميد جي ڀاءَ انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

اسلام آباد جي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ ڪنور معيز نومبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته مئي 2017 ۾ جنرل فيض حميد جي هدايتن تي ٽاپ سٽي جي آفيس ۽ سندس رهائشگاھ تي آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ڇاپو  هنيو. . آءِ ايس آءِ  جي اڳوڻي سربراھ ميان علي اشفاق کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي. ميان علي اشفاق ايڊووڪيٽ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) فيض حميد کيس پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي. 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جيڪي اڃا ٻڌڻين هيٺ آهن. اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزير اعظم عمران خان انهن الزامن کان انڪار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ 9 مئي تي فوجي هنڌن تي منظم حملا ڪيا.  پر فوج ۽ حڪومت پي ٽي آءِ تي انهن واقعن جي رٿابندي ۽ حملي جو سڌي يا اڻ سڌي طور ملوث ھجڻ جو الزام لڳائينديون رھن ٿيون. 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ  جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ ڪجھه اڳواڻن پارٽي ڇڏي ڏني.

ياد رهي  ته آگسٽ ۾ پاڪستان جي فوج آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي حراست ۾ وٺي، سندن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.  فوج جي ان اعلان کان هڪ هفتو پوءِ، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته ”جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو سڄو ڊرامو مون کي فوجي عدالت ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني گواھ بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي.“  پوءِ، آگسٽ ۾ ئي فوج فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي دوران وڌيڪ ٽي اڳوڻا فوجي آفيسر پڻ حراست ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.  آءِ ايس پي آر موجب، انهن ٽنھي رٽائرڊ آفيسرن کي فوج جي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

مقامي ميڊيا جو چوڻ هو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ چڪوال جو برگيڊيئر نعيم ۽ برگيڊيئر غفار سميت ڪرنل رٽائرڊ عاصم به شامل آهن. جڏهن ته ان وقت کان پوءِ انھن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن.ماضي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو نالو 2017 ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي فيض آباد ڌرڻي دوران سامهون آيو، جتي هن ضامن جو ڪردار ادا ڪيو هو.  پي ٽي آءِ  جي حڪومت دوران سندن سياست ۾ مبينا مداخلت ۽ پي ٽي آءِ سان ويجهڙائپ جو چرچو رهيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس شوڪت عزيز صديقي، جنرل فيض حميد تي عدالت تي دٻاءَ وجهڻ، پاناما ڪيس ۾ ججن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ وزيراعظم هائوس ۾ وزير اعظم جي ڳالهھ ٻولهه کي رڪارڊ ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا.  پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پي ٽي آءِ  مخالف سياسي پارٽين جا اڳواڻ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد تي ڪيترن ئي موقعن تي پي ٽي آءِ  جي حمايت جو الزام لڳائيندا رهيا آهن. انهن پارٽين الزام هنيو آهي ته جنرل فيض حميد ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 2018ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ مدد ڪئي.جڏهن ته جنرل باجوا ۽ جنرل فيض پنهنجن ويجهن ذريعن ذريعي انهن الزامن کي رد ڪندا رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.