تازو گاج ڊيم منصوبي جي تعميراتي ڪم نه ٿيڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ ان معاملي بابت انڪوائري ٿي جنهن ۾ تعميراتي ڪمپني طرفان پنهنجن مجبورين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته 30 ارب رپين ۾ مڪمل ٿيڻ واري گاج ڊيم منصوبي لاءِ ستر ارب رپيا وڌيڪ درڪار آھن ٻي صورت ۾ ڪم اڳتي نه ٿي سگهندو افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته آخر ايڏي وڏي منصوبي کي وقت سر ڇو مڪمل نه ڪيو ويو ۽ رقم ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿي؟
گاج ڊيم جو جڏهن سنگ بنياد رکي ڪم شروع ڪيو ويو هو ته علائقي جي بهتري ۽ خوشحالي جو هڪ وڏو خواب آندو ويو هو جنهن ۾ گاج ڊيم ٺھڻ سان ڊيم مان ننڍو بجلي گهر ٺھڻو هو جنهن مان 4.2 بجلي ٺھڻي هئي جنهن سان ڪاڇي واسين کي سستي بجلي به مهيا ٿيڻي هئي ان سان گڏ گاج ڊيم ۾ ٽي لک ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿيڻو هو ان سان گڏوگڏ 28 هزار 800 ايڪڙ ايراضي کي پاڻي مهيا ٿيڻو هو جنهن سان زراعت کي بيحد فائدو ملڻو هو 2006 کان شروع ٿيل ڪم ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿيڻ جي سببن تي ٿوري نظر هن ريت آھي
گاج ڊيم منصوبو سنڌ ۽ خاص طور ڪاڇي ۾ خوشحالي، پاڻي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڪارآمد منصوبي طور سنگ بنياد رکيو ويو، سن 2006ع ۾ 32 ارب رپين جي لاڳت سان گاج ڊيم منصوبي جو سنگ بنياد رکي سنڌ جي سڀ کان وڏي ڪرپٽ ڪمپني ڊي بلوچ کي ٺيڪو ڏئي ڊيم جو ڪم پنجن ورهين ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽائم ٽيبل رکيو ويو، ۽ گاج ڊيم عملي لاءِ انتهائي عاليشان ٽينٽ سٽي رهائش لاءِ ٺاهيو ويو جتي هر روم ۾ اعلي معيار جون ايئرڪنڊيشن نصب ڪيون ويون، باقائده ڪم جي آغاز کانپوءِ مشينري به آندي ۽ گاج ڊيم جو ڪم بغير ڪنهن رٿا بندي ۽ عالمي ماهرين ۽ انجنيئرن جي صلاح مصلحت بعد شروع ڪيو ويو ته علائقي جي هزارين عوام پهرين به خدشا ڪيا ته هي گاج ڊيم منصوبو ڪاڇي جي عوام لاءِ خوشحالي نه پر تباهي آڻيندو، ۽ تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا هوندا. سياسي مداخلت ۽ پنهنجا نوازي تحت اهڙي عالمي ليول جا منصوبا پنهنجي ملڪ جي ڪرپٽ ڪمپنين کي ڏنا وڃن ٿا سو گاج ڊيم جي تعمير ۾ به اهي ٻئي ڪم ڪيا هڪ ته ٺيڪو سياسي بنيادن تي ڏنو ويو جنهن وٽ نه ايتري مهارت هئي نه هو ايتري ايماندار بهرحال ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ نئين گاج جي پاڻي واري لنگھن کي بند ڪرڻ جي پهرين غلطي ڪئي وئي، ٻي طرف ڪم ڪندڙ ڪمپني وٽ ايتري مشينري نه هئي جيڪا گاج ڊيم منصوبي کي پنجن ورهين ۾ مڪمل ڪري ها جڏھن هنن گاج ندي جي عاليشان ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن کي ڊاهڻ ڪٽڻ ۽ صرف نقشو تيار ڪرڻ ۾ ئي پنج سال لڳي ويا ڊيم جو مڪمل ڪم ته رهي ڳالھه بعد جي گاج ڊيم ٺهڻ بابت ڪافي بهتري جون ڳالهيون ڪاڇي جي عوام کي ٻُڌايون ويون ته ڊيم ٺھڻ سان علائقي جي تقريبن 28 هزار 800 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي ۽ گاج ڊيم 4.2 وولٽ بجلي پيدا پڻ ٿيندي ، ھر سال برساتن دوران چار لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ ضايع ٿيندڙ پاڻي جمع ٿي سگهندو ان کان علاوه ڊيم مان ٽي وڏا ڪئنال نصير ڪئنال، منڇر ڪئنال، پٽ گل محمد ڪئنال نڪرندا جنهن مان ننڍا ننڍا ڊسٽري بيوٽر ڪڍي پوري ڪاڇي ۾ خوشحال آندي ويندي، ڊيم جو جڏھن ڪم شروع ڪيو ويو ته شروع ۾ ئي هڪ ڪئنال نصير ڪئنال ته ڪڍيو ويو جيڪو ڪاڇي جي يوسي پٽ گل محمد جي حدن ويجهو اڻپورو ٺاهي ان مان هٿ ڪڍيو ويو جيڪو هن مهل مڪمل طرح ٽُٽي ويو آهي.
لٽ سبب سڄو ڪئنال هنڌا هنڌان پوريل آهي لکين رپيا خرچ ٿيل ان ڪئنال تي به اجايو ضايع ٿي ويا هن وقت ان ڪئنال ۾ استعمال ٿيل مٽيريل لوهه، سرون علائقي واسين پاران ڪڍي ان ڪئنال جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو آھي باقي جيڪي ٻه ڪئنال ٺھڻا هئا انهن ۾ منڇر ڪئنال اهم هو جيڪو پهرين ئي نئين گاج مان نڪتل يوسي ڊرگھه بالا کان ٿيندو يوسي ساوڙو، يوسي واهي پانڌي، ڇني کان ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر ۾ ڇوڙ وڃي ڪري ٿو، ان بابت گاج ڊيم انتظاميه هڪ لائحه عمل تيار ڪيو ته ڪئنال کوٽڻ بجاءِ هڪ وڏي پائيپ لائين ذريعي پاڻي وهايو ويندو پر اها به منصوبا بندي گاج ڊيم جو ڪم ڪرپشن ۽ رولڙي سبب نه ٺھڻ ڪري طئي نه ٿي سگهيو آخرڪار گاج ڊيم ڪم جي رولڙي جي معائني لاءِ تڏھوڪي پاڻي بجلي واري وفاقي وزير عابد شير علي، واپڊا چيئرمين سميت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميوار اعلي اختيارين دورا ڪيا، سپريم ڪورٽ جي سابق چيف جسٽس جي سخت هدايتن باوجود ڊيم جي ڪم ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي گاج ڊيم نه ٺھڻ جا اصل ڪارڻ ڪرپشن ۽ پاڻي جي خطرناڪ وهڪرن کي مڪمل طرح روڪڻ لاءِ ڪا جامع منصوبابندي نه هئڻ ئي سبب ٻُڌايا پيا وڃن گاج ڊيم ۾ گاج ندي جا وهڪرا سمنڊ جي صورت ۾ اچي انهي جڳھه وٽان گذرن ٿا جتي گاج ڊيم جي مين پوائنٽ رکي وئي آھي جنهن جو سانوڻي جي برساتن دوران هر سال مرمت ٿيل ڪيترائي حصا لڙھي وڃن ٿا پر ڪمپني انتظاميه انهن هنڌن جي مرمتي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بضد بيٺل آھي .
آخر ڊيم نه ٺھڻ جا سبب ڪهڙا آهن، ذريعن مطابق ڊيم جي مشينري لاءِ ايندڙ هزارين ليٽر تيل کڻي ايندڙ ٽئنڪرن کي رستن ۾ يرغمال بڻائي چوري ڪرايو وڃي ٿو ،ڪٻاڙي جو لوھ ٽائر،شيٽون راڊون لوهه سيمينٽ به چورايو وڃي ٿو گاج ڊيم عملي جي ملي ڀڳت اضافي اسٽاف جي مد ۾ لکين رپيا ڪرپشن ڪئي وئي آھي ، ڊيم ۾ ڪرپشن علائقي گاج ڊيم نه ٺھڻ ۽ سست رفتاري خلاف احتجاج به ڪيا پوائنٽ وٽ ڌرڻا هنيا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو نيٺ نتيجي ۾ گاج ڊيم تي خرچ ٿيل ٽيھه ارب جي رقم لڳائڻ باوجود ڪاڇي ۾ خوشحالي آڻيندڙ هن منصوبي کي اسان جي حڪمرانن هٿ سان تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آھي جيڪو علائقي واسين لاءِ هر سال مون سون برساتن ۽ نئين گاج جي ٻوڏن جي صورت ۾ اڃا ڪيتري عرصي تائين بربادي آڻيندو رهندو