اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ وڌيڪ فنڊ صوبن وٽ ويا آهن، قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.
اهڙن خيالن جو هن سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، جنهن جي صدارت سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪري رهيو هو ۽ اجلاس اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته قومي مالياتي ايوارڊ (اين ايف سي) تي صوبن جا خدشا ڪڏهن ختم ڪيا ويندا؟ گهٽ ترقي يافتا علائقن ۾ وڌيڪ ترقياتي فنڊ خرچ ڪري شدت پسندي تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو، خيبرپختونخواهه کي واڌو فنڊن جي ضرورت آهي.
ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وزارت وٽ جيترا فنڊ آهن، انهن مان ئي رقم صوبن ۾ ورهائي ويندي، جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ آبادي يا فارمولي جا انگ اکر تبديل ٿي وڃن ته نئون معاهدو ڪرڻو پوندو، ان وقت جي حڪومت کي اين ايف سي ۾ تبديلي ڪرڻ گهرجي ها، منهنجو موقف آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.
هن انڪشاف ڪيو ته اڃا تائين ستين اين ايف سي ايوارڊ تي عملدرآمد جاري آهي، فاٽا ۽ پاٽا جون مراعتون ختم ڪرڻ چاهيون سين پر حڪومت ان کي تسليم نه ڪيو، آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي لاءِ ڪي شرط لاڳو نه ڪيا، اين ايف سي ۾ تبديلي لاءِ صوبن سان مشاورت ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبن جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشي ۾ حصو هڪ سيڪڙو آهي، صوبن کي خرچ گهٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، صوبن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۽ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جا خرچ شيئر ڪرڻ جو چيو آهي، صوبن سان گڏيل فنانسنگ تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
اجلاس دوران سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا تي خبرون آهن ته وڏو مهانگو قرض ورتو آهي، ڇا پاڪستان کي رڳو ڪمرشل قرض ئي ادا ڪرڻو آهي؟
ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته اسان اڃا تائين ڪو مهانگو قرض ناهي ورتو، جڏهن بينڪن کان قرض وٺنداسين ته سڀني جي سامهون وٺنداسين، هن وقت اسان جو ٻاهريون خال پورو ٿيل آهي، اسان وڌيڪ قرض پنهنجي شرطن تي وٺنداسين.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ٻڌايو ته ملازمن کي رٽائر ڪرڻ جي عمر 55 سال ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته پاڪستان ڪسٽمز ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن، اسان گريڊ 1 کان 4 تائين ڪا ڀرتي ناهي ڪئي، گريڊ 5 ۽ ان کان مٿي جون ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن.
زرعي ترقياتي بينڪ جي صدر اجلاس کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ 124 ارب رپيا ۽ سنڌ ۾ 23 ارب رپيا زرعي قرض ڏنو ويو آهي، هن سال خيبر پختونخواهه کي 5 ارب 30 ڪروڙ رپيا قرض ڏنو ويو آهي.
سينيٽر محسن عزيز چيو ته توهان خيبر پختونخواهه سان زيادتي ڪري رهيا آهيو، شبلي فراز چيو ته زرعي ترقياتي بينڪ ننڍن آبادگارن جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، ان تي زرعي ترقياتي بينڪ جي صدر چيو ته اسان قرض ايراضي جي بنياد تي ڏيندا آهيون، پنجاب ۾ گهڻي ايراضي تي پوکي ٿي، تنهن ڪري اتي وڌيڪ قرض ڏنو ويو.
محمد اورنگزيب چيو ته زرعي قرض جي معاملي تي اسٽيٽ بينڪ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي، زرعي قرض ڏيڻ جي طريقي ڪار کان ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like