سنڌ ۾ منشيات جو وڌندڙ وڪرو ڪنهن کان به ڍڪيل ڇپيل ناهي رهيو ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته حڪومت ۽ پوليس کان اهي هٿ ڳجھا هوندا پر خبر ناهي ڪھڙي مصلحت سبب منشيات جھڙي زهر کي روڪڻ لاءِ ڪي به عملي قدم کڻڻ بجاءِ پوليس به هاڻ عدالتن کان مٿانهان قدم کڻڻ ۾ دير نٿي ڪري، ڇو ته اڄڪلھه خبر ناهي ته پوليس ڪھڙي ٽريڪ تي هلندي رڳو هاف فراءِ فل فراءِ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ۾ به صرف انساني زندگين جو ئي زيان ٿي رهيو آھي، منشيات هڪ اهڙو ئي ناسور آھي جنهن سان نه رڳو انساني جانيون تباھ ٿين ٿيون پر ڪيئي گھر اجڙي وڃن ٿا، ڪيترائي خاندان تباھ ٿين ٿا، منشيات جي وڌندڙ واهپي ۽ ان خلاف جوڳا قدم نه کڻڻ سبب سنڌ اندر اڳ ۾ ئي صورتحال خراب نظر اچي ٿي پر گذريل ڏينهن نواب شاھ جي تعلقي سڪرنڊ لڳ پي ڪي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور ڪچو شراب واپرائڻ سبب 6 انساني جانيون اجل جو شڪار بنجي ويون آھن جڏهن ته ٻن ڄڻن کي بيھوشي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو جتي سندن علاج هلندڙ هو.
هاڻ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا علائقي ۾ ٿيندڙ شراب جي وڪري جو ڪو اهو پهريون ڏينهن هو جو ماڻھن شراب ورتو ۽ پيتو هجي بلڪل به نه ڇو ته سنڌ جا باشعور فرد سوشل ميڊيا تي لکڻ سميت ليکڪ ۽ صحافي بار بار سنڌ جي چپي چپي ۾ منشيات جي وڪري جون دانهون ڪري رهيا آھن پر پوليس روايتي طور ڪجهه نشي آور سوپارين زيڊ ايڪيھه يا ٻين معمولي نشي وارين شين جي هٿ اچڻ ۽ ڪامياب ڪاررواين جا راڳ آلاپيندي نظر ايندي آھي پر انهن ئي علائقن ۾ وڏي ديده دليري سان چرس، آفيم، شراب آئيس هيروئن سميت ٻين خطرناڪ قسم جي منشيات وڪرو ڪندڙ گروهن اڳيان ڄڻ ته بيوس بڻيل محسوس ٿيندي آھي سنڌ ۾ پوليس جو ڇا ڪردار آھي اهو هاڻ ڪنهن کان به ڳجھو ناهي رهيو، پوليس جو اصل ڪم ته امن امان قائم ڪرڻ براين کي روڪڻ سميت عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻ فرض ۾ شامل آھي پر خبر ناهي ڇو سنڌ جي اڪثر اڻپڙهيل آبادي مٿان پوليس کي انهن جو حاڪم ڪري ويهاريو ويو آھي جو هڪ عام ماڻھو انصاف وٺڻ لاءِ ڪنهن ٿاڻي ۾ به وڃڻ کان گهٻرائيندو آھي.
سنڌ ۾ منشيات جو وڪرو ۽ جن جاين تي منشيات وڪرو ٿي ڇا پوليس انهن کان بي خبر هوندي؟ پوليس يقينن انهن کان بي خبر نه هوندي پر چند ايماندار ۽ فرض شناس آفيسرن کي ڇڏي پوليس کاتي ۾ باقي ڪل اونداھ لڳي پئي آھي جتي نه فرض کي فرض سمجهي ادا ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي خدا تعالي جو ڪو خوف محسوس ڪيو ٿو وڃي جنهن سبب ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پوليس جي نااهلي سبب ڪيترائي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جا واقعا رونما ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندا رهن ٿا، سڪرنڊ لڳ ڪچو شراب واپرائڻ سبب رڳو ڇھن انسانن جو موت ناهي ٿيو پر ڇھه خاندان ختم ٿي ويا آھن، ڄڻ انسانيت کي ئي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو ٻن ڊي ايس پيز تي ٻڌل انڪوائري ٽيم جوڙي حد جي پي ڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي به سسپينڊ ڪيو آھي جيڪو خوش آئيند عمل آھي پر سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا انڪوائري جي نتيجي ۾ ذميوار ڌرين کي مڪمل قانوني ڪٽھڙي آندو ويندو يا رسمي ڪارروائي کان پوءِ هي ڪيس به فائل بند ڪيو ويندو؟ جيڪي انساني جانيون ضايع ٿيون آھن انهن جي ذميواري ڪير کڻندو؟ ڪير آھي جيڪو هن طرح جي انساني موت جي سامان کي وڪرو ڪندڙ انسان دشمنن خلاف ايڪشن کڻندو يا هڪ ڀيرو وري صرف روايتي طور ٻڌ ڇوڙ يا چئن چڱن جي هلي اچڻ تي ڪيس ختم ڪرايا ويندا ۽ معاملو بس ڏي وٺ ٿي ويندو؟
بهرحال ڇا به هجي هن ڪيس جي جوابدارن لاءِ ڪا به رعايت نه هجڻ گهرجي ان سان گڏ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل عوامي نمائيندن کي به اک پٽڻ گهرجي ته سندن ئي علائقن جا معصوم شھري بيگناھ روز ڪنهن نه سبب تحت موت جي منھن ۾ وڃي رهيا آھن منشيات سميت ٻين سماجي براين خلاف اسيمبلي جو اهم فورم اوهان وٽ موجود آھي سنڌ ۾ منشيات امن امان ۽ ٻين معاملن لاءِ عوام جو ڀرپور آواز بڻجي نروار ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ خلق خدا اوهان کي اڳواڻ ڪري ووٽ ڏئي چونڊيو به آھي ان ڪري اوهان تي به فرض ٿئي ٿو ته ان خدا جي خلق جو آواز بڻجي ايوان اندر ۽ ٻاهر هڪ ٿي عوام دشمن قوتن کي للڪاريو پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن سميت منشيات فروشن، مختلف ڏوهن ۾ ملوث ڪرمنل ڏوهارين ۽ وطن دشمنن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ته جيئن قيمتي انساني جانيون بچائي سگهن.