266 ماڻهن جي قاتل جو گرفتار نه ٿيڻ گهرو وزارت جي نااهلي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي روپوش جوابدار حماد صديقي کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ٻاهرين ملڪ فرار ٿيل جوابدارن جي حوالگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڊپٽي پروٽوڪول آفيسر ۽ سرڪاري پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت بدليا سانحي ڪيس ۾ روپوش جوابدار حماد صديقي جي عدم گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 266 ماڻهن جي قاتل جوابدار حماد صديقي گرفتار ڪري ڏيهه واپس ڇو ناهي آندو ويو، اهڙي ماڻهو جي ڪير پٺڀرائي ڪري رهيو آهي جنهن مٿان سنگين الزام آهن.
عدالت چيو ته جوابدار حماد صديقي جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو هنيئر تائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ اِها گهرو وزارت جي نااهلي آهي، روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري واپس نه ٿو آندو وڃي.
عدالت اسٽيٽ لائيف آفيسر امجد شاهه جي قتل ۾ ملوث تقي شاهه کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث روپوش جوابدار خرم نثار کي وطن واپس نه آڻڻ تي به ڪاوڙ جواظهار ڪيو.
عدالت روپوش جوابدار حماد صديقي، تقي حيدر ۽ خرم نثار جي عدم گرفتاري تي گهرو ۽ پرڏيهي وزارت کان رپورٽ طلب ڪندي جڏهن ته عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي به 17 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.