راولپڊي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته انسان هجن يا فرشتا هو ڳالهين لاءِ تيار آهن.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳلهائيندي عمر ايوب چيو ته قومي حڪومت ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل نه آهي، عدل ۽ انصاف جي حڪمراني آڻڻي پوندي، هن وقت ملڪ فاشزم ۽ ڏنڊي جي زور تي هلي رهيو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پنج رڪني مذڪراتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته 13 ڊسمبر تي تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندا، سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز چيو ته جعلي حڪومت هنن کي جعلي ڪيسن ۾ مصروف رکڻ چاهي ٿي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي مارجي ويل ڪارڪنن جو تصديقي انگ 12 آهي.
هن چيو ته گم ٿيل ڪارڪنن جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، هو پارٽي چيئرمين طور جيڪا ڳالهه ڪندو پوري ذميواري سان ڪندو.
You might also like