اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي ريگولر بينچ عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري 21 نومبر جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطل ڪندي سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس عائشه ملڪ به ٽي رڪني بينچ جو حصو هئا.
ٻڌڻي دوران عادل بازئي جي وڪيل تيمور اسلم مخصوص سيٽن بابت فيصلي جو حوالو ڏنو.
جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي تيمور اسلم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان واقعي مخصوص سيٽن جي فيصلي تي ڀروسو ڪرڻ چاهيو ٿا؟.
جسٽس عقيل عباسي چيو ته هاڻي چون ٿا ته ترميم به اچي وئي آهي.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي؟ بهرحال، اڳتي وڌو.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڇا اوهان هن ڪيس ۾ مخصوص سيٽن جي فيصلي تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا؟ ڇا عادل بازئي مخصوص سيٽن سان 81 ميمبرن جي لسٽ جو حصو هو؟.
عدالت چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ڊڪليئريشن نٿي ڏئي سگهي، اميدوار ڪهڙي پارٽي سان تعلق رکي ٿو، اهو سول ڪورٽ جو ڪم آهي.
سپريم ڪورٽ جي ريگولر بينچ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like