فوجي عدالتن کي ڪيسن جو فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي استدعا رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي استدعا رد ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن کي ڪيسز جو فيصلو ٻڌائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته فوجي عدالتن کي ڪيسز جو فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطلب فوجي عدالتن جو اختيار تسليم ڪرڻ هوندو.
آئيني بئنچ، حڪومت جي فوجي عدالتن کي ڪيسن فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سيولينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بابت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ آئيني بئنچ عدالت فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.