فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد، اڳوڻي چيف جسٽس تي ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جواد ايس خواجا جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان آئيني بينچ کي تسليم ڪريو ٿا؟، جنهن تي وڪيل چيو ته هو آئيني بينچ جي اختيار جي دائري کي تسليم نٿو ڪري.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پوءِ اوهان عدالت جو ڪمرو ڇڏي وڃو، جنهن تي وڪيل چيو ته موجودا آئيني بينچ جڊيشل ڪميشن نامزد ڪئي آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا 26 هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي چڪي آهي؟
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان جي طرفان دير جا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن، 26هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي وڃي ته عدالتي فيصلن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي.
عدالت فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فيصلي تائين فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.