ڄامشوري ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيادل مارچ

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ،گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ والار خلاف جيئي سنڌ تحريڪ طرفان ڄامشورو ڦاٽڪ کان سنڌو درياهه تائين 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو ۽ سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي . پيادل مارچ جي اڳواڻي جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين سورھيه سنڌي ،مير ساگر سيال، انور بڙدي، سهيل ڪلوڙ ،باغي راڄپر ،فيصل وڳڻ سنڌ سڄاڳي فورم جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ محب آزاد لطيف جي پارکو غني امان، شنڪر مالهي ۽ ٻين ڪئي 29 ڊسمبر 2024ع آچر جي ڏينهن شاهپور جهانيان وٽ نيشنل ها۽ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي پنجاب ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، احتجاجي پيادل مارچ ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، خالق خاصخيلي ،محفوظ نوتڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  سنڌو درياهه وٽ پيادل مارچ کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي چيو ته پنجاب زبردستي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ڪرڻ چاهي ٿو،  سيد جا فڪري پيروڪار اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنجاب جي نڙي تي لت ڏئي پنجاب ڏانهن ويندڙ روڊ رستا بند ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته پنجاب پنهنجا 3 درياهه هندستان کي کپائي منگلا، راول ۽ تربيلا ڊيم ٺهرائي انگريز سرڪار جي نگراني ۾ 1945ع ۾ ٿيل سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال جنهن لاءِ چيو ويو ته ٻوڏ جي ٽائيم تي وهايو ويندو پر اهو ڪينال سڄو سال وهي پيو. سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي سنڌو درياهه نه وهندو ته سنڌ تباهي جو شڪار ٿي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.