ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن سنڌي اشاعتي ادارن کي مشورو ڏنو آهي ته هو ليکڪن جي ڪتابن ڇپائڻ جي لاءِ پاڻ ۾ ادب ۽ اديب شناسائي پيدا ڪن ۽ نون لکندڙ نوجوانن جا ڪتاب شايع ڪيا وڃن، سنڌي شاهوڪار وچون ڪلاس سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو پاڻ ۾ رجحان پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي اولاد کان سنڌي ٻولي، ادب کان لاتعلقي ختم ڪن،سنڌ حڪومت طرفان سنڌي اديبن شاعرن جي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ رائلٽي ڏيڻ جي کليل پاليسي جوڙي وڃي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي طرفان چئن ڏينهن جي اردو ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي سنڌي ادب تي منعقد ڪيل هڪ ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي . ان موقعي تي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس نورالهدي شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادب ۽ اديب لبنان ۽ فلسطين جي اديبن شاعرن وانگر قوم جي مسئلي تي پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا ڪندا رھيا آھن. ھن چيو ته سنڌ جو نوجوان سنڌي ادب ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو آهي، انهن مان ئي ابراهيم جويو، گرامي يا ٻيا معتبر ليکڪ ۽ اديب ۽ وڏا شاعر پيدا ٿي پنهنجو مقام حاصل ڪندا، نامياري دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سموري پاڪستان ۾ سنڌ اندر هر موضوع تي گهڻا ڪتاب ڇپجن ۽ وڪرو ٿي رهيا آهن، اسان وٽ پروفيسر، جهونا اديب ۽ شاهوڪار ٿيل وچون طبقو ڪتاب نه ٿو پڙهي ۽ نه ئي پنهنجن ٻارن جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تربيت ڪئي آهي، هن چيو ته ڪتاب ڇاپيندڙ فردن کي طارق اشرف وانگر ادب جي ڄاڻ ۽ اديب شناسائي نه آهي، اهي ليکڪن کي پنهنجو گراهڪ سمجهن ٿا، نئون نسل سنڌي سان گڏ انگريزي ڪتاب به پڙهي رهيو آهي، انهن تي اعتبار ڪيو وڃي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت نااهل ماستر ڀرتي ڪيا آهن ۽ سمورا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن ريٽائرڊ بيوروڪريٽ، ليکڪ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مھتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ حڪومت جي حڪمران پارٽي کي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف رڳو قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ اڳوڻي ڪرڻ لاءِ به اڳتي به اچڻ گهرجي، اسان جي سياسي قيادت ورهايل آهي ۽ اڳواڻي ڪرڻ جو فقدان آهي، اسان ڪاپي ڪلچر ۽ ٻين مسئلن تي بي ايمان قوم آهيون، هن چيو ته اڄوڪي زماني ۾ ڪتاب پڙهندڙن جو تعداد وڌائن مسئلو آهي، نئون نسل ڊجيٽل رستي ڪتاب ته پڙهي ٿو، پر انهن جي ان پڙهائي جو اظهار ڪٿي به نه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڪتاب مهانگا آهن، ڪاغذن جي قيمتن تي ڪنٽرول نه آهي، ان لاءِ گهڻيون لائبريريون کلڻ گهرجن. اردو ٻوليءَ جي ناول نگار فضا پتافي چيو ته اسان جي سماج ۾ اديب ڇوڪرين کي معاشري ۽ خانداني مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، نون لکندڙن لاءِ ڪتاب ڇپائڻ مسئلو آهي، اشاعتي ادارا نون لکندڙن کي قبول نه ٿا ڪن. هن چيو ته اسان کي اڌ سچ بدران مڪمل سچ لکڻ گهرجي، سنڌ جي چوڪرين کي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ گهرجي هن جي ناول گهوٽڪي ۽ آس پاس جي ڇوڪرين ۾ ادب لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪيو آهي . ان نشست ۾ اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن جو وڏو تعداد موجود هو.جڏهن ته سنڌي ادب جي ان نشست جي ميزباني جا فرض ڊاڪٽر ايوب شيخ ادا ڪيا ۽ اسٽيج تي ويٺلن ليکڪن اديبن پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ جي سوالن جا جواب به ڏنا.