سول نافرماني تحريڪ جو مقصد فيض حميد ڪيس تي دٻاءُ وجهڻ آهي: واوڊا

ڪراچي ( رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي  ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ڪيس کي سول نافرماني جو سڏ ڏئي ان تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي ان کان اڳ 14 تاريخ تي سندن خلاف داخل ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين ۾ وڃڻ جو بنيادي سبب قومي هم آهنگي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته سمورين سياسي پارٽيون گڏجي ويهن . هن چيو ته پاڪستان جنهن رستي تي هلي رهيو آهي ان ۾ سڀني جو ڪردار ضروري آهي، اسان کي سڀ کان پهرين ايم ڪيو ايم ۽ سمورين سياسي پارٽين جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان هر روز غريبن ۽ بيگناهه ماڻهن جا لاش اڇلائڻ ۽ ڌرڻا ڏيڻ کي برداشت نه ڪري سگهندو،  مينڊيٽ جو مطلب صرف اليڪشن کٽڻ ۽ دعوائون ڪرڻ نه آهي، مان ايم ڪيو ايم جي نمائندگي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندس، فيصل واوڊا چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي نمائندگي ضروري آهي، سياسي مخالفت باوجود عمران خان جي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ گهرجي، سينيٽر دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي ۽ ايندڙ 40 سالن تائين سندس زندگي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ملا جٽ جي سياست ڪري رهيو آهي جيڪو گهڻو وقت نه هلندو، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو جائز مطالبو آهي، جنهن جو اسان کي اتفاق راءِ سان حل ڳولڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڳالهيون هميشه ڳالهين ذريعي بهتر ٿينديون آهن، نظام جي اندر ۽ ٻاهر سمورين سياسي پارٽين وٽ وڃي رهيا آهيون، 26 آئيني ترميم جي حوالي سان به اسان کي گڏ ويهڻو پوندو، جيستائين گڏ نه ويهنداسين، پاڪستان سياست ۾ اڳتي نه وڌندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.