شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو ڇھون ڪانووڪيشن، ڊگريون ورهايون ويون

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو ڇھون ڪانووڪيشن مک آريجا ڪئمپس ۾ ٿيو، جنهن صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ڪئي، جڏھن ته خاص مهمان طور بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تھمينا ناگراج ۽ لاڙڪاڻو يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر عثمان ناگراج شرڪت ڪئي.
ڪانووڪيشن ۾ 230 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون، بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي 23 ميڊلز ڏنا.
ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، پروفيسر تھمينا ناگراج، پروفيسر عثمان ناگراج والدين ۽ ٻارن کي مبارڪون ڏنيون.
سيڪريٽري ڪانووڪيشن پروفيسر امان الله عباسي آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف ڪميٽين جي سربراهن ۽ ميمبرن کي ڪامياب ڪانووڪيشن تي مبارڪون ڏنيون.
ڪانووڪيشن ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ايس ايس پي روحل کوسو، ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنا سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن ۽ صحافتين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.