ڪراچي: ڪاٽيل لغڙ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ نينگر حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري ايڪسپريس وي تي ڪاٽيل لغڙ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ 15 ورهين جو نينگر تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.
ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي ڪاٽيل لغڙ پڪڙڻ جي ڪوشش دوران حادثو پيش آيو، 15 ورهين جو نينگر تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
پوليس موجب فوتي نينگر جي سڃاڻپ حمير جي نالي سان ٿي، هو آگرا تاج ڪالوني ڀرسان ڪاٽيل لغڙ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ آسمان ڏانهن ڏسندي ڊڪي رهيو هو ته کيس گاڏي جو ٽڪر لڳو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.