مداحن لاءِ وڏي خوشخبري، بالي ووڊ جا ٽئي خان هڪ ئي فلم ۾ هوندا؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چيو آهي ته هو، سلمان ۽ شاهه رخ خان فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان لاءِ مناسب اسڪرپٽ جو انتظار آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ريڊ سي فلم فيسٽيول دوران عامر خان، شاهه رخ ۽ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
عامر چيو ته هو، شاهه رخ ۽ سلمان ڇهه مهينا اڳ ان معاملي تي ويچاري چڪا آهن، هاڻي هو بس هڪ مناسب ۽ سٺي اسڪرپٽ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
هن چيو ته سندس خيال آهي ته سلمان خان ۽ شاهه رخ به ان حوالي سان متفق هوندا ته اسان ٽئي گڏجي فلم ٺاهيون ۽ آهي ته اِهو خواب جلد ساڀيان جو روپ ڌاريندو.
عامر خان چيوته گڏ فلم ٺاهڻ جو خيال هن ئي پيش ڪيو، هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن اسان ٽئي خان گڏ فلم نه ٺاهي ته اِهو افسوسناڪ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.