لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران ”ملڪيت“ جي نالي سان سنڌي اصلاحي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو.، لاڙڪاڻو ٿيئر فيسٽيول جو اهو ٻارنهون اسٽيج ناٽڪ هو.
ڊرامي جو ليکڪ علي روشن شيخ هو، جڏھن ته مختيار انڙ جي ھدايتڪاري ھيٺ پيش ڪيو ويو ۽ نگران ڊائريڪٽر ستار لاڙ ھو.
ڊرامي ۾ سماج جي گندي رسمن، ملڪيت جي معاملي، رشتن ۾ نفرتن کي فوڪس ڪيو ويو، سنڌيا سنڌي، نظام چانڊيو، ستار لاڙ، عاشق دايو، فوزيا سمون ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو.
مک مھمان سيد ٻڍل شاھه، سراج احمد نديم انڙ، محمد ايوب گاد، الطاف حسين انڙ، شاهه جھان کوسو ڊرامي جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته اسٽيج ناٽڪ ڏسڻ لاءِ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي عھديدارن صدر محمد اسماعيل جتوئي، سيڪريٽري محمد حنيف سھاڳ، عبدالنبي ساريو، شمس سولنگي، امجد گل سومرو، برڪت گاد آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو.
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران اسٽيج ڊرامو ”ملڪيت“ پيش، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت
You might also like