ايڊوانس پگهار ۽ پينشن، سرڪاري ملازمن لاءِ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ايڊوانس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيسائي برادري جي ملازمن کي 18 ڊسمبر تي پگهارون ۽ پينشن ادا ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري 25 ڊسمبر تي ڪرسمس جو تهوار ملهائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.