لاڙڪاڻو: انتظاميا جي نااهلي، ڳئون کليل گٽر ۾ ڪِري پئي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب ڳئون گٽر ۾ ڪِري پئي.
لاڙڪاڻي شهر ۾ گٽر کليل هجڻ سبب حادثا معمول بڻجي ويا، روڊن حادثن ۽ ٻار گٽر ۾ ڪِرڻ جون خبرون ته سامهون اينديون آهن پر بي زبان جانور به حادثن جو شڪار ٿيڻ لڳا.
شهر جي نظر محلا ۾ ڳئون گٽر ۾ ڪِري پئي، جنهن کي شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت گٽر مان ڪڍيو.
شهرين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل چئن سالن کان وٺي اسان جي پاڙي ۾ گندگي ۽ گٽر کليل هجڻ سبب حادثا پيش اچي رهيا آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا يوسي چيئرمين ڪاشف عمراڻي کي شڪايت ڪئي پر هن ڪو تدارڪ نه ڪيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.