محمود غزنوي جيان حملا ڪندا رهنداسين: علي امين گنڊاپور

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڃا سول نافرماني جي تحريڪ جو فيصلو ناهي ٿيو.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ڊي چوڪ تي اسان جي ڪارڪنن تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، حڪومت قلم 144 لڳائي اسان جي ماڻهن کي قتل ڪرايو، 12 ورڪر شهيد ۽ 107 ورڪر اڃا تائين گم آهن، جن بابت خدشا آهن، هزارين ڪارڪن گرفتار ۽ زخمي آهن، ڪارڪنن جو رت رائيگان نه ويندو.
هن چيو ته پاڻي پت جنگ جيان حملا ڪنداسين، 5 حملا ڪيا آهن، جيئن محمود غزنوي 17 حملا ڪيا، اسان بس ائين ئي حملا جاري رکنداسين.
سندس چوڻ هو ته پ پ ۽ ن ليگ گڏجي گيم ڪئي آهي، اهي ملڪ اندر نفرتون پکيڙي گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا، حڪومت اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته سول نافرماني جو فيصلو ناهي ٿيو، اڃا ڳالهيون ٿيڻيون آهن، اسان ملڪ خاطر ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، حڪومت کي ڳالهيون ناهن ڪرڻيون ته پوءِ به اسان هلي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.