ايشورياءِ جي تڪراري شوٽ تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ فلمن هالي ووڊ جيان بولڊ سين فلمائڻ جو رواج عام ٿيندو پيو وڃي پر اڪثر اهڙن منظرن سبب اداڪارن کي تنقيد سان گڏ قانوني ڪارروائي جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڀيشيڪ بچن جي گهرواري ايشوريا راءِ ” ڌوم ٽو “ ۾ هريتڪ روشن سان پنهنجي پهرين آن اسڪرين ڪِس جو سين فلمايو هو، جنهن تي وڏو ٻڙڌڪ مچي ويو، ايستائين جو ڪجهه ماڻهن قانوني نوٽيس به موڪليا جنهن سبب اداڪارا کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.
ايشوريا راءِ ان حوالي سان پنهنجي رعمل چيو ته کيس اهڙي عمل تي حيرت ٿي، هوءَ رڳو هڪ اداڪارا آهي جيڪا پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، پر ٽن ڪلاڪن جي فلم ۾ هڪ ٻن سيڪنڊ جي سين لاءِ جواب ڏيڻو پيو.
ماضيءَ ۾ ڀارت فلمي شوقينن طرفان اِهو منظر فلمائڻ تي اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر هڪ ڀيرو وري اداڪارا جرتمنداڻو فيصلو ڪندي ” شبد“ ۽ ” اي دل هي مشڪل “ جهڙين فلمن به بولڊ سين ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.