لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم جي پليئرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي رقم اڃا تائين ادا نه ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نومبر جي وچ ڌاران 16 پليئرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو هو، هلندڙ سال ڪرڪيٽرز جو انگ 20 مان گهٽائي 16 ڪيو ويو هو.
هلندڙ سال پليئرز جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ ٽاپ پرفارمرز کي 25-2024 لاءِ هڪ سال جو نئون ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو.
پي سي بي بجيٽ 25-2024 جي منظوري جي موقعي تي وومينز ٽيم جي رانديگرياڻين جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو، پر تفصيل جاري نه ڪيا هئا.
ٻئي پاسي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ادائيگيون رولڙي جو شڪار آهن، پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين اعلان ڪيل سينٽرل ڪانٽريڪٽس تي اڃا تائين سمورن پلئيرز صحيحون ناهن ڪيون، صحيحون ٿيڻ کانپوءِ جولاءِ کان هنيئر تائين رانديگرياڻين کي ادائيگيون ڪيون وينديون.
You might also like