لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان رانديگرن جي پي ايس ايل سميت فرنچائز ليگز کيڏڻ تي پابندي تي پليئرز طرفان ردعمل سامهون اچڻ لڳا.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ۽ پنهنجي ليگ دوران آءِ پي ايل کانسواءِ پرڏيهي فرنچائز ليگز لاءِ رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پي ايس ايل سميت فرنچائز ليگز تي بندش سبب انگلش ڪرڪيٽرز طرفان پنهنجي ئي ملڪ جي ليگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، انگلينڊ جي اٽڪل پنجاهه ڪرڪيٽرن انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي پرڏيهي ليگز واري فيصلي خلاف آواز اُٿاريو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انگلش ڪرڪيٽرن انگلينڊ جي ايندڙ سال رٿيل هنڊريڊ ليگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽس موجب، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي سبب رانديگرن ۽ سندن ايجنٽس ۾ مايوسي ڇانيل آهي، رانديگرن ۽ سندن ايجنٽس معاملي تي پروفيشنل ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن سان ملاقات پڻ ڪئي آهي، ملاقات دوران احتجاجن رانديگرن دي هنڊريڊ ليگ نه کيڏن تي غور ڪيو آهي.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي فيصلي خدشا ظاهر ڪندڙ پنجاهه ڪرڪيٽرن ۾ انگلينڊ جي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ رانديگر پڻ شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلينڊ جي ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏندڙ تجربيڪار رانديگرن جو ريڊ بال ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو به امڪان آهي.
رپورٽس ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پي ايس ايل ۾ ڪانٽريڪٽ ڪنفرم ٿيڻ جي صورت ۾ رانديگر پنهنجي ڪائونٽيز جي ٽيمن سان ڪانٽريڪٽ تي نظرثاني ڪري سگهن ٿا.
You might also like