ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ سرد ۽ تيز هوائن گُهلڻ جو امڪان آهي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب، اڄ کان اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيندو جنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ اٺ ڊسمبر دوران مري، گليات، اسلام آباد، رولپنڊي ۽ لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
هوڏانهن چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ سميت ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
You might also like