ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سڀاڻي ڌرڻي ۾ عوام کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌي درياءُ لاءِ عوام نڪري اچي.ڪراچي ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھه جي بقا ۽ پاڪستان جي سلامتي جي جنگ وڙھي رھياآھيون. جيڪڏھن سنڌو درياھ کي سُڪايو ويو ته سنڌ واسي مري ويندا، مرڻ ۽ جيئڻ واري جدوجھد ۾ سنڌ واسي آخري دم تائين پر امن جدوجھد جاري رکندا. ھن وڌيڪ چيو تھ وفاق سموري پاڪستان جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ لاءِ بلوچستان کي ڪڇي ڪئنال ڪڍڻ سميت مختلف حربن وسيلي پختونخواھه ۽ سنڌ کي رڳو لالي پاپ ڏئي منصوبي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وفاق پاران ملڪ جي آئين جي لتاڙ ڪرڻ ۽ صوبن جي حق تلفي خلاف بلوچستان پھاڙن تي چڙھي جدوجھد ۾ مصروف آھي ته پختونخواھ جو عوام بھ وفاق سان مھاڏو اٽڪايو بيٺيو آھي. اھڙي طرح سان سنڌ بھ مزاحمت واري صورتحال ھيٺ وفاق جي سنڌ لاف سازشن تي احتجاج ڪري رھي آھي، ھوڏانھن پنجاب ۾ ناانصافي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سرائيڪستان به دانھون ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن درياهه مري ويو ته پاڪستان به مري ويندو، ان ڪري اسان سنڌي پنھنجي بقا سميت پاڪستان جي سالميت لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيون، پاڪستان دشمن ته اھي آھن جيڪي اسٽبلشمينٽ ۾ ويھي عوام جو رت چوسي رٽائر ٿيڻ بعد ھڪڙو ڏينھن به پاڪستان ۾ رھڻ پسند نھ ٿا ڪن ۽ ڪجھھ ڪلاڪن بعد ملڪ ڇڏي ويندا آھن، ان ڪري ھي ملڪ انھن جو ناھي، انھيءَ ملڪ ٽوڙيندڙ مافيا خلاف سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جدوجھد ڪري رھيا آھن، اسان پاڪستان جا مخالف ناھيون. ھن چيو تھ پاڪستان جا باني سنڌ ۽ بنگال ۽ بلوچستان ھئا، جن سڀ کان اڳ پاڪستان جي حق ۾ قراردادون پاس ڪيون ھيون، جڏھن تھ پنجاب جي سازشي ٽولي اڪثرتي آبادي واري حصي کي ان ڪري ڪٽي پاڪستان ۾ شامل ٿيو ھو جو اتي سِکَ ڪميونٽي جي گھڻائي ھئي. ھن چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت درياھھ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تي منافقي ڪري رھي آھي،