ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وزير مڪيش ڪمار چاولا کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ٽيڪس ٽارگيٽ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي ۽ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کي هدايت ڪئي آهي ته سمورين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وڃي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ آفيسرن کي آفيسن ۽ چيڪ پوسٽن تي يونيفارم ۾ رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته کاتي جي آفيسرن ۽ عملي جي غير حاضري قبول نه ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ اورنگزيب پنهور، ڊي جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن شبانه پرويز ۽ ٻيا آفيسر پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا کي سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن پاران هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين ٽيڪس وصولي ۽ هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.