سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته سنڌ جي حدن ۾ مداخلت نه ڪنداسين: سرائيڪي اڳواڻ

ڪراچي(رپورٽر)  پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان چئن ڏينھن واري  17ھين عالمي اردو ڪانفرنس ڪالهه ٻي ڏينھن بـ جاري رھي ۽ اڪثر سيشن "جشن ڪراچي ” جي سلسلي ۾ ” مين ھون ڪراچي” جي حوالي جي منعقد ڪيا ويا. ان کانسواءِ ميڊيا سرائڪي ۽ پختون ادب ڪتابن جون مھورتون جا سيشن بھ شامل ھئا، اردو ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن تي سرائڪي زبان تي مشتمل سيشن ” سرائڪي ادب ۽ ثقافت” جي سلسلي ۾ سرائڪي تحريڪ جي حوالي سان مشتاق فريدي چيو تھ ماضي ۾ اسان جڏھن سرائڪي تحريڪ ھلائي رھيا ھئاسين تڏھن جي ايم سيد سوال ڪيو تھ اوھان جو بنيادي مقصد ڇا آھي؟ اسان جواب ڏنو "سرائيڪي صوبو”.  ان پڇيو ته ان جي جغرافيائي حد ڇا ھوندي؟ اسان جي ايم سيد تي اھا ڳالھھ واضح ڪري ڇڏي ھئي ته اسان سنڌ جي ڪنھن بھ حصي تي قبضو نٿا ڪرڻ چاھيون، ڪراچي ۾ سرائڪي وسيب کان ڪيترائي شاگرد آيا آھن جن پنھنجي جاءِ ٺاھي آھي ۽ ڪيترائي ماڻھو اسيمبلي ۾ سرائڪي وسيب جي محرومين تي ڳالھائين ٿا، نسرين گل نينا چيو تھ سرائڪي ادب تي گھڻو ڪم ٿيو آھي، سرائڪي جي وڏن نثر نگارن جو تعلق ڪراچي سان آھي، سينئر صحافي شاھد جتوئي چيو تھ سرائڪي زبان جي ڪا حد ناھي، وادي سنڌ ۾ سنڌي کانپوءِ رابطي جي زبان سرائڪي آھي، حفيظ خان چيو تھ اسان جي مزاحمتي شاعري اسان جي سڃاڻپ آھي، عابدھ بتول چيو تھ سرائڪي قوم ۾ خاص ڳالھھ اھا آھي تھ اسان جتي رھندا آھيون ھڪ ڪميونٽي وانگر رھندا آھيون، اسان جو جھومر ھجي يا اسان جي اجرڪ اسان گڏ ھلندا آھيون، اسان پنھنجي ثقافت کي مرڻ ناھي ڏنو.

ميڊيا کي ھر خبر تي دٻاءَ کي منھن ڏيڻو پوندو آھي: اظھر عباس

ڪراچي:. اردو ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن تي پاڪستان ميڊيا ۽ انٽرنيشنل ميڊيا جي سيشن ۾ سينييئر صحافي اظھر عباس چيو تھ  سٽريم ميڊيا سوشل ميڊيا تي سبقت رکي ٿو، گھڻا  ماڻھو صحي خبرن لاءِ اسٽريم ميڊيا تي يقين رکن ٿا، اسٽريم ميڊيا ملڪ ۾ 17 ڪروڙ ماڻھن تائين پھچي ٿي، جڏھن تھ ان جي مقابلي ۾ سوشل ميڊيا جي يو ٽيوب تي 7 ڪروڙ ماڻھن تائين پھچي ٿي. بي بي سي جي جاويد سومرو چيو تھ بين الاقوامي ميڊيا ۾ اسان ھر اھا خبر ۽ ڳالھه پنھنجي پروگرام ۽ خبرن ۾ شامل ڪري سگھون ٿا جنھن کي اسان عدالت ۾ بھ ثابت ڪري سگھون. جرمن صحافي عاطف توقير چيو تھ خبر ھميشھ غير جانبدار ھئڻ گھرجي، آمريڪا جي صحافي غضنفر ھاشمي چيو تھ آمريڪا ۾ اسان بغير ڪنھن خوف جي ڪم ڪندا آھيون، سٺي  ۽ خراب صحافت پاڪستان ۾ بھ آھي ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ بھ آھي فرق صرف ايترو آھي تھ ھتي جا ماڻھو پنھنجي مطلب جو سچ ٻڌڻ چاھين ٿا. سينيئر صحافي اظھر عباس چيو تھ ميڊيا کي ھر خبر تي دٻاءَ کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. پاڪستان دنيا ۾ صحافين کي قتل ڪرڻ جي حوالي سان سرفھرست آھي. ڪراچي جي حوالي سان سيشن ۾ ڪي ايم سي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فھيم الزمان چيو تھ ڪراچي جي بھتري لاءِ ڪي ايم سي کي بااختيار بڻائڻو پوندو، شھر جي تعمير ترقي لاءِ عوام جي سپورٽ بھ ضروري آھي. بشير سبزدوئي چيو تھ ڪي ايم سي ۾ جيڪڏھن اڄ بھ 1933ع وارو بلدياتي نظام نافذ ڪيو وڃي تھ ڪراچي تيزي سان ترقي ڪندو. نسرين جليل چيو تھ ڪراچي جي ترقي ۽ بھتري لاءِ مقامي حڪومتن کي مضبوط بڻائڻو پوندو.

مسئلو مرد يا عورت جو ناھي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي: انيس ھارون

جشن ڪراچي جي سلسلي ۾” دنيا بدلتي خواتين” واري سيشن ۾ انيس ھارون چيو تھ  مسئلو مرد عورت جو ناھي پر اصل ۾ سوچ جو آھي، ان ڪري سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، غازي صلاح الدين چيو تھ جيستائين عورتون خودمختيار نھ ھونديون تيستائين پنھنجي فيصلي ۾ آزاد نھ ھونديون، جنھن ڪري معاشرو ترقي نھ ڪري سگھندو. ڪراچي جي حوالي سان "ڪراچي آج اور ڪل” جي سيشن ۾ ڪليم لاشاري چيو تـ ماضي ۾ ڪراچي جي حوالي تاريخي قصا آھن جن تي بعد ۾ افسوس بھ ڪيو ويو، ھاڻي ڪراچي جي موسم، عمارتون، سمنڊ، بندرگاھ اڳ جھڙا ناھن رھيا جڏھن تھ ڪراچي اھو اھم ھنڌ ھو جتان بري ۽ بحري رستي ذريعي ڪٿي بھ وڃي سگھجي ٿو.  اسماءَ ابراھيم چيو تھ ھي اھو ڪراچي ناھي جيڪو پھرين ھوندو ھو، ھاڻي نئين نسل کي گھرجي تھ ڪراچي جي جغرافيائي اھميت کي ھٿي وٺرائين، عارف حسن چيو ڪراچي شھر مختلف پاڙن ۾ ورھايل ھو امير ۽ غريب گڏ رھندا ھئا، ھتي مختلف ڪميونٽيز ھونديون ھيون جنھن سان ھي شھر آباد ھو پر اڄ انھن جو نالو ۽ نشان مٽجندي نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.