لاهور (عمران شفقت) عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ائين چيو آهي ته مون سان ڳالهيون ڪريو. سندس مطالبو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي شفاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي. اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهين لاءِ پنهنجي ٽيم جو به اعلان ڪيو. ٻئي ڳالهيون نه مڃڻ جي صورت ۾ هن سول نافرماني تحريڪ جي ڌمڪي ڏني. اهڙي ڪوشش عمران خان 2014 ۾ به ڪئي هئي جڏهن ته رياست ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو هو پر ان جي باوجود عمران خان ڪامياب نه ٿيو هو ته هاڻي ڪيئن ڪاميابي ملندي؟ عمران خان حڪومت جو نالو ناهي ورتو، هن اسٽيڪ هولڊر چيو آهي. ان ڳالهه کي عليما خان چٽو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رياست ڳالهين جي آڇ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم ڳالهيون ڪندي. هنن جيڪي پنهنجا ٻه پراڻا مطالبا رکيا آهن اهي مطالبا نه پر منٿ لڳن ٿا. انهن ۾ ڪو شرط ئي ناهي. رياست ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي. هڪ ڏينهن اڳ آيل پريس رليز کانپوءِ ڪنهن چيو ته فوج ڳالهيون ڪندي؟ عمران خان رڳو پريشر تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس سول نافرماني تحريڪ اوري ڌمڪي بي اثر ۽ اجائي آهي. کين گهرجي ته جيڪو وڏا چون تيئن ڪن نه ته نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 07 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو