بخشاپور ۾ بدامني جي باهه، هٿياربندن فائرنگ ڪري وڪيل کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ ڄڻو زخمي

بخشاپور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:زاهد بڊاڻي/ممتاز سنڌي ) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضعلي۾ ڌاريل راڄ برقرار آهي، بخشاپور لڳ ڇڻڪو اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌاڙيلن جي ڪاھه ڌاڙيلن ڪارسوار  ايڊوڪيٽ نورمحمد عرف علي منگي جي ڪارکي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه بيهارڻ تي ڌاڙيلن سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايڊوڪيٽ نورمحمد عرف علي منگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس سنگتي روينيو ملازم رمضان ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو  ۽ ان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو ۽ مقتول جو مڙھه سرڪاري اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو جتان قانوني ڪاروائي بعد مڙهھ وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو مڙھه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته  علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.