اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
جي يو آءِ ترجمان موجب، مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي خدشن کان آگاهه ڪيو جنهن تي شهباز شريف بل تي سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
واضح رهي ته صدر آصف زرداري مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيو هو.