گورنر بدران وڏو وزير يونيورسٽيز جو چانسلر هوندو، ترميمي بل منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) صوبائي اسيمبلي طرفان خيبرپختونخاو يونيورسٽيز ترميمي بل 2024 منظور ڪري ورتو.
ڪي پي جي تعليم واري وزير مينا خان خيبرپختونخوا يونيورسٽيز ترميمي بل 2024 پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو.
ترميمي بل موجب، وڏو وزير سمورن پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جو چانسلر هوندو، وائس چانسلرز جي مقرري جو اختيار به وٽس ئي رهندو ۽ اڪيڊمڪ سرچ ڪميٽي وائس چانسلر لاءِ ٽي نالا وڏي وزير ڏانهن اُماڻيندي.
بل تحت وائس چانسلر جي ملازمت جو مدو چار سال ڪيو ويو آهي، ملازمت جو مدو حڪومت جي جوڙيل مانيٽرنگ ڪميٽي جي جائزي سان مشروط هوندي جڏهن ته مانيٽرنگ ڪميٽي وائس چانسلر جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي ۽ 65 سيڪڙو کان گهٽ ڪارڪردگيءَ تي ملازمت جو مدو ختم ڪري سگهجي ٿو.
ترميمي بل 2024 تحت عورتن جي يونيورسٽيز جي وائس چانسلر رڳو عورت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.