ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ۾ جيڪڏهن مشهور ترين اداڪارائن جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن ۾ ٽي نالا سوشل ميڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهن.
عام طور تي جڏهن ماڻهو گانا ٻڌندا آهن ته انهن جي پٺيان هلندڙ آواز ڏانهن ڌيان ناهن ڏيندا ته اهو ڪنهن جو آهي پر سنيڌي چوهان، نيها ڪڪڙ ۽ شريا گهوشال جو آواز سولائيءَ سان سڃاتو ويندو آهي.
هونئن ته فلمن ۾ پلي بيڪ گلوڪاري ڪندڙ ڪيتريون ئي گلوڪارائون مشهور آهن پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ٽنهي گلوڪارائن کي هڪ ٻي گلوڪارا پيسي جي مقابلي ۾ پوئتي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب باليووڊ جي امير ترين گلوڪارا جو اعزاز تلسي ڪمار کي مليو آهي، تلسي مشهور ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز جي مالڪ ڪمار خاندا جو حصو آهي ۽ ٻه سئو ڏهه ڪروڙ ڀارتي رپين جي مالڪ آهي.